منجهين باغ بهار
( هيءَ حديث مبارڪ البيهقي ابو يعليٰ القضاعي ۽ العسڪري حضرت ابو سعيد الخدري رضي الله عنه کان آندي آهي)
ترجمو: سيارو مومن لاءِ بهار آهي جنهن جا ڏينهن ننڍا ٿين ٿا. پوءِهوان ۾ روزا رکي ٿو ۽ ان جون راتيون وڏيون ٿين ٿيون.پوءِ هو ان ۾ بيهي عبادت ڪري ٿو.
سمجهاڻي: جيتوڻيڪ راتيون ڏينهن ،مهينا، سال ۽ مندون موسمون سڀ الله تعاليٰ جون ڀليون آهن. پرمومنن لاءِ سيارو عبادت ڪرڻ لاءِ باغ بهار مثل آهي. ڇاڪاڻ ته سياري جا ڏينهن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿين ٿيون. ان ڪري مومن کي ڏينهن جو روزي رکڻ ڪري ڪابه تڪليف ڪانه ٿي ٿئي. البته راتين جي ڊگهي هجڻ ڪري مومن ڪجهه آرام به ڪري ۽ عبادت به ڪري ٿو ۽ ٿڪاوٽ محسوس نه ٿو ڪري.
اونهاري ۾ سخت گرمين ڪري گهڻي تڪليف ٿيندي آهي. ان ڪري سياري کي موسم بهار سان تشبيهه ڏئي ۽ مومنن کي عبادت جو شوق ڏياريو ويو آهي.
شاهه ڀٽائي به پنهنجي اندر کي باغ بهار سان ڀيٽيو آهي.
ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چٽاڻو چوڌار
منجهين ڪاڪ ڪڪورئي “منجهين باغ بهار”
ڪانهي ٻي تنوار، ٿيو مڙوئي مينڌرو
(شاهه)
*
ڏينهان گهارن ڏک سين، راتيان ڪن رهاڻ
عمر! تنين ڪاڻ، منهنجو روح رڙيون ڪري
(شاهه)