مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

صبر ۽ شڪر کي، هٿ ڪيو مون هاڻ

مَا جُمِعَ شَیءٌ اِلیٰ احۡسَنَ مِنۡ حِلۡمٍ ألیٰ عِلۡمٍ
( هيءَ حديث مبارڪ الطبراني “ المعجم الاوسط” ۾ ۽ العسڪري “ جمهرة الامثال”۾ علي بن ابي طالب ﷦ کان روايت آندي آهي.)
ترجمو:ڪابه شيءِ ڪنهن به شيءِ سان گڏجي، پر ايتري سٺي نه آهي جيترو علم، بردباري سان گڏجڻ ڀلو آهي.
سمجهاڻي: علم انسان جو زيور آهي. حلم ۽ بردباري سون تي سهاڳو آهي. علم کير آهي ته حلم ۽ بردباري کنڊ مثل آهي.کير ۽ کنڊ ملڻ سان کير لذيذ مٺو، مقوي ۽ هاضمي دار ٿي پوندو آهي. اهڙي ريت جنهن عالم کي علم سان گڏ حلم ۽ بردباري آهي. ته گويا ميوي دار ۽ سايي دار فائديمند درخت آهي.
“ صبر ۽ شڪر کي، هٿ ڪيو مون هاڻ”
پرين اچي پاڻ، پٽي کي پڇيج تون
(شاهه)