مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڀلي ڄائيون مائرون، سنديون صالحن

اَلرِّضَاعُ یُغَیِّرُ الطِّبَاعَ
( هيءَ حديث ابو الشيخ عبدالله بن عمر بن خطاب ﷦ کان روايت ڪئي ۽ عبدالله بن عباس ﷦ کان القضاعي ۽ الديلمي به آندي آهي)
ترجمو: کير پيارڻ طبيعتن کي ڦيرائي ٿوڇڏي.
سمجهاڻي: والدين جو اولاد جي رهڻي ڪهڻي تي جلدي ۽گهڻو اثر ٿيندو آهي.خاص ڪري کير پيارڻ سان ٻار جي طبيعت تي ماءُ جو گهرو گهاٽو اثر ٿئي ٿو.
اوليائن جي تذڪرن ۾آهي ته سندن مائرون وضو ڪرڻ ۽ پاڪصفائي کان سواءِ ٻارن کي کير نه پيارينديون هيون.اهو ئي سبب آهي جو اهڙا ٻار ننڍي هوندي کان ئي ڄمندي ڄام سڏيا آهن. پنهنجي علم۽ عمل، فڪر فيض سان ولايتون واسي ڇڏيندا آهن.
جيڪڏهن ڪنهن سبب ڪري ماءُ ٻار کي کير نه پياري سگهي ته ٻار کير پيارڻ لاءِ نيڪ خصلت دائي جي حوالي ڪجي ته جيئن اها به ٻار جي سڍي پالنا۽ پرورش ڪري سگهي.
هونئن به مشهور آهي ته کير ۽ رت جو اثر ترت ٿيندوآهي ۽ رت دانگيءَ تي به وري پوندو آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي اهرين پاڪ دامن مائرن لاءِ چيو آهي:

ڀلي ڄائيون مائرون سنديون صالحن
محشر جي ميدان ۾ انهن ڏاج ملن
ٻين ويچارين، اوجاڳا ئي اجايا ڪيا.
(شاهه)