مرڻ تن مشاهدو
( ھي حديث مبارڪ البزار ابو هريره کان روايت ڪئي آهي ۽ پڻ حضرت عائشه ؓ کان ثقه رجال جي سند سان روايت ڪئي آهي.)
ترجمو: ماٺ۽ صبر ۾ قتل ٿي ويو.
سمجهاڻي: حديث مبارڪ جا لفظ تمام مختصر آهن. پر وڏي معنيٰ تي دلالت ڪن ٿا. جيڪو ماڻهو بنا ڏوهه ڏنڊ جي مارجي وڃي يا ڪو بي گناهه قتل ٿي وڃي. ته الله تعاليٰ ان بي گناهه مقتول کي معافي ڏئي ٿو ڇڏي. جيتوڻيڪ اهو کڻي گنهگار هجي. ته به الله پنهنجي فضل ڪرم ۽ ان جي بي گناهه مارجڻ ڪري سندس گناهه معاف ڪري ٿو ڇڏي.
اسلام ۾ ڪنهن مسلمان ڀاءُ کي بي گناهه مارڻ وڏي ۾ وڏو گناهه آهي. فتنو فساد، خونريزي ڪرڻ اسلام ۾ حرام آهي ۽ ڪنهن کي ناحق مارڻ م،نع آهي.
اسلام ته اهو سبق ڏنو آهي ته ڀلو مسلمان اهو آهي جنهن جي زبان ۽ هٿ کان ماڻهو سلامت رهن. هٿ ته وڏي ڳالهه آهي. پر ڪنهن کي زبان سان به گهٽ وڌ نه ڳالهائجي.
شاهه ڀٽائي عشق حقيقي ۽ ناحق مارجڻ کي مان ۽ مشاهدو سڏيو آهي:
هڻ حبيب هٿ کڻي، ٿيڪ مَ ٿورو لاءِ
پرين تنهنجي گهاءِ، مران ته مانُ لهان
(شاهه)
*
سوري جنين سيج، “ مرڻ تن مشاهدو”
(شاهه)