من ماري ڪر ميڻ
( هيءَ حديث مبارڪ ابن حيان پنهنجي صحيح ۾ آندي آهي.)
ترجمو: اهو ماڻهو پهلوان نه آهي. جيڪو ٻي کان ڏاڍو ٿي وڃي.پهلوان اهو آهي، جيڪو پنهنجي نفس کان ڏاڍو ٿئي.
سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ نفس کي نندڻ ۽ ضابطي ۾ آڻڻ جو ڏس ڏنو ويو آهي. اجائي ويڙهه ته ڍورن ڍڳن ۽ جانورن جو ڪم آهي. هر ڪنهن سان زور آزمائي چڱي نه آهي. پر پنهنجي نفس کي ماري ميڻ ڪجي. اها ئي اصلي بهادري آهي. شيطان انسان جو ازلي دشمن آهي. ان جي چنبي کان پاڻ بچائڻ پهلواني آهي. شريعت پاڪ جي حڪمن تي هلڻ سان نفس نندورو قابوءَ ۾ رهندو ۽ اجائي هوڏ ۽ هوڙ هيائي نه ڪندو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به من کي ماري ميڻ ڪرڻ ۽ نفس کي نهوڙڻ جو ڏس ڏنو آهي.
هوچون ئي تون مَ چئو، واتان ورائي ويڻ
سڀني سين سيد چئي،”من ماري ڪر ميڻ”
کانڌ وڏيائي کيڻ، ڪيني منجهان ڪين ٿئي
(شاهه)
وڌيڪ نفس کي خچر چئي، ان کي نفي جي خنجر سان نهوڙڻ جوچيو آهي:
لائي خنجر “لا” جو، هن خچر کي هڻ
سڌنم جيون سيد چئي، وٿيون سڀ وڪڻ
پير پروڙي کڻ،ته هلڻ ۾ هوري وهين
(شاهه)