ڪوڙيين ڪيا ڪيترا، انهين خر خوار
( هيءَ حديث مبارڪ الديلمي ۽ القضاعي عقبه بن عامر الجهني کان ۽ الديلمي عبدالله بن عمر کان ابو نعيم عبدالرحمان بن عباس کان ۽ ابن لال ابن مسعود کان ۽ الخرائطي * التميمي زيد بن خالد کان روايت ڪئي آهي. “ المواهب اللدنيه” جي سارح علامه الزرقامي چيو آهي ته هي حديث حسن آهي.)
ترجمو: عورتون شيطان جو ڄار آهن.
سمجهاڻي: جيتوڻيڪ اسلام ۾ عورت جي وڏي عزت آهي. عورت ماءُ آهي،عورت ڀيڻ آهي ۽ جنت به ماءُ جي پيرن هيٺان آهي.
هتي انهن عورتن جو ذڪر آهي. جيڪي شيطان جي دام ۾ جلد فاسي گناهه ڪري شيطان کي راضي ڪن ٿيون.
شيطان کي مردن جي ڀيٽ ۾ عورت کي برغلائڻ ۽ پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائڻ سولو لڳندو آهي. عام ڪچهرين ۾ عورتن گڏجي ويهنديون ته گلا غيبت، عيب جوئي زبان درازي ۽ چغل خوري شروع ٿي ويندي اهي.
حديث پاڪ ۾ عورت کي چٻي پاسري سان تشبيهه ڏني وئي آهي. جيڪڏهن اوهين ڀانيو ته اسان پاسراٽي سنئين سڌي ڪيون ته اها ڀڄي پوندي ۽ جيڪڏهن اهڙيءَ طرح ڏنگائي سان گذران پيا ڪندو ته خير جو وقت پيو گذرندو. فتني ۽ نقصان کان بچي ويندو.
انڪري هن زماني ۾ عورتن جا گهڻا فتنا آهن. انهن فتنن کان الله تعاليٰ جي پناهه گهرجي. ڇاڪاڻ ته عورتن کي شيطان جو ڄار چيو ويو آهي.
ڀٽائي به حرامڪاريءَ کان بچڻ جو چيو آهي:
مڻئيتي موهجي، هاڙي ڳيڙئي هار
“ ڪوڙيين ڪيا ڪيترا انهين خر خوار”
ڀري ويو ڀتار، آيئي ڏنون ڏهاڳ جو.
(شاهه)