مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ماريو ته وِسهان

ألۡحَرۡبُ خَدۡعَۃٌ
( هيءَ حديث مبارڪ صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ آهي)
ترجمو: جنگ چالاڪي آهي
سمجهاڻي: جنگ ۽ لڙائي ۾ فوج ۽ لشڪر جي گهڻائي، تربيت، همت ۽ جوانمردي سان گڏ ڏاهپ، اٽڪل،موقعي شناسي ۽ چالاڪي ضروري آهي. جنگ ۾ صحيح منصوبا بندي چالاڪي ۽ اٽڪل به وڏو ڪم ڏيندي آهي.
ڀڳو آئون نه چوان، “ماريو ته وسهان”
ڪاند منهن ۾ ڌڪڙا،سيڪيندي سهان
ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾
(شاهه)