مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ويٺي جنين وٽ

اَلۡمَرۡءُ مَعَ مَنۡ اَحَبَّ
( هيءَ حديث مبارڪ امام بخاري ۽ امام مسلم روايت ڪئي آهي)
ترجمو: ماڻهو ان شخص سان گڏ هوندو. جنهن سان محبت ڪندو.
سمجهاڻي: حقيقت هي آهي ته انسان جي هن دنيا ۾ جنهن سان گهڻي محبت هوندي، ته قيامت جي ڏينهن به ان سان گڏ هوندو. حديث پاڪ ۾ ايئن به آيل آهي ته جو مانحو جنهن قوم يا شيءِ سان مشابهت ڪندو ته قيامت ۾ ان سان گڏ اٿاريو ويندو. (بخاري) ان ڪي ظاهر آهي جنهن شخص جي هن دنيا ۾ چڱن ماڻهن سان صحبت سنگت هوندي ته محشر ۾ به انهن نيڪن صالحن سان گڏ هوندو ۽ صالحن جي صحت ۽ خدمت ڪري جنت ماڻيندو.
باقي جيڪڏهن هن جڳ ۾ برن بڇڙن سان ساٿ ڏئي.ڍنگهرن تياٽو هاريندو رهندو، ته ان جو آخر ۾ برو نتيجو ڀوڳڻو پوندو ۽ عذاب جو حقدار ٿيڻو پوندو.
گهڻو ڪري ائين به آهي ته ماڻهو پنهنجي دوست جي دين تي هوندو آهي. ان ڪري ئي نبي پاڪ صاحب لولاڪ ﷺ جن حديث مبارڪ جا مٿيان سهڻا لفظ چيا ته،” (قيامت ۾) ماڻهو ان شخص سان گڏهوندو، جنهن سان دنيا ۾ محبت ڪندو هوندو.”
ان ڪري نيڪن ۽ صالحن جي صحبت سنگت ۽ خدمت پاڻ تي لازم ڪري وٺجي، ته خاتمه بالخير ۽ جنت جي خوشخبري ماڻي سگهجي.
صالحن جي صحبت نيڪ اثر ڪندي آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي به صالحن جي صحبت ڪرڻ ، وٽن وڃي ويهڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.
“ ويٺي جنين وٽ” ڏکندو ڏور ٿئي
تون تنين سين ڪٽ، اوڏا اڏي پکڙا
( شاهه)