مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

خوفان کاهوڙين، ڳوڙهو سڪي نه ڳل تان

(۱) اتّقِ اللہِ حَیۡثُ کُنۡتَ،وَاتۡبِعِ السَّیِّئَۃَ الۡحَسَنَۃَ تَمۡحُھَا،وَ خَالِقِ النَّاسَ بِخُلۡقٍ حَسَنٍ
(هيءَ حديث مبارڪ امام احمد بن حنبل پنهنجي ڪتاب مسند ۽ ٻين به ابوذر ﷦ جي روايت سان آندي آهي)
ترجمو: جتي به هجين ته الله تعاليٰ کان ڊڄ ۽ برائي پٺيان چڱائي ڪر، جيئن ان برائي کي ميٽائي ختم ڪري ڇڏي ۽ ماڻهن سان سهڻي اخلاقسان پيش اچ.
سمجهاڻي: انسان کي هر هنڌ ۽ هر ڪم ۾ الله تعاليٰ کان ڊڄڻ گهرجي.برن ڪمن کان پاڻ بچائجي.پر انسان خاطي آهي. جي گناهه ٿي پويته،ته توبه تائب ٿي. چڱن ڪمن ۾ وڌيڪ ڪوشش ڪجي ته الله تعاليٰ چڱن عملن جي ڪري. مدايون ميٽي معاف ڪري ڇڏيندو آهي.
نبي ﷺبه معلم الاخلاق بنائي موڪليو آهي. ان ڪري اسان امت کي به پيغمبر جي پيروي ڪندي. هر هڪ سان سهڻي اخلاق سان پيش اچڻ گهرجي. سهڻا لڇڻ ئي نيڪي جو سرمايو آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي به پرين جي پيش پوڻ، پٽيءَ وجهڻ ۽ سرخرو رهڻ ۽ خدا جي خوف ۾ روئڻ جو ڏس ڏنو آهي.
عاشق معشوقن جو، وٺي ويهه دڪان
پئج پيش پرين جي، پٽيءَ وجهي پاڻ
ته تون تنين ساڻ رهين سرخرو.

*
خوفان کاهوڙين ڳوڙهو سڪي نه ڳل تان
حزن ڏينهن حشر جو، توڙان لٿو نه تن
ڪئائون ڪي ڪن، آجڪو اخريٰ جو