پاڻي پوڄ پٽن ۾
( حديث مبارڪ جا هي لفظ امام قسطلاني مواهب اللدنيه ۾ آندا آهن پرحوالو ۽ اصحابي جو نالو ذڪر ڪونه ڪيو آهي.)
ترجمو: ڀلي ۾ ڀلو مال ملڪيت پاڻيءَ جو چشمو آهي جيڪو هميشه جاڳندڙ يا وهندڙ هجي. جڏهن جو ڌڻي ننڊ ۾ هجي.
سمجهاڻي: پاڻي الله تعاليٰ جي وڏي نعمت آهي. هر شيءِ جو ٻج پاڻي آهي. پاڻي پيارڻ به وڏو اجر ثواب آهي. جنهن ماڻهو وٽ پاڻي جو وهندڙ چشمو هجي يا کوهه هجي ۽ ان پاڻي مان الله تعاليٰ جي مخلوق وضو، غسل ڪري عبادت ڪن يا زرعي زمين آباد ٿيندي رهي. يا انسان حيوان جيت جڻيا، وڻ ٽڻ سيراب ٿيندا رهن.ته اهو ان ماڻهو جو پاڻي جو گويا “صدقه جاريه” آهي.
ابو دائود ۾ مشهور حديث مبارڪ به آهي ته: ماڻهو جي مرڻ کان پوءِ ان جو عمل بند ٿي ويندو آهي. پر هي ماڻهو آهن جن جو وفات کانپوءِ به عمل ۽ ثواب جاري رهي ٿو.
1. اهو ماڻهو جيڪو الله جي واٽ ۾ تياري ڪندي وفات ڪري ويو.
2. اهو ماڻهو جنهن ڪنهن کي علم سيکاريو ته ان جو اجر به جاري رهي ٿو جيسيتائين ان علم تي عمل ٿيندو رهي.
3. اهو ماڻهو جنهن پنهنجي پويان صالح اولاد ڇڏيو. جيڪو ان لاءِ دعا گهرندو رهي.
4. اهو ماڻهو جنهن جاري رهڻ وارو صدقو ڪيو.ان جو به اجر جاري رهي ٿو.جيسيتائين اهو صدقو جاري رهي ٿو.
هن مان ظاهر آهي ته جنهن ماڻهو صدقه جاريه موجب واهه کڻايو کوهه کوٽايو يا پاڻيءَ جو ٻيو ڪو بندوبست ڪيو ۽ سڀ ان پاڻي مان فائدو حاصل ڪن ٿا ته اهو پوءِ بنا تڪليف جي سندس اجر جاري رهي ٿو.
سارنگ سار لهيج، الله لڳ اڃين جي
“پاڻي پوڄ پٽن ۾” ارزان ان ڪريج
وطن وسائيج،ته سنگهارن سک ٿئي.