مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

شارڪ شڪ مَ ني

مَا حَاکَ فِیۡ صَدۡرِکَ فَدَعۡہٗ
( هي حديث مبارلالطبراني المعجم الڪبير ۾ ابي امامه ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
ترجمو: جا شيءِ تنهنجي دل ۾ کٽڪي، ان کي ڇڏي ڏي.
سمجهاڻي: صحيح مسلم ۾ آهي ته پاڻ سڳورن ﷺ کان نيڪي ۽ گناهه بابت پڇيو ويو؟ نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته نيڪي سهڻي اخلاق کي چئبو آهي. ۽ گناهه اهوآهي جو تنهنجي دل ۾ پيو کٽڪي ۽ ماڻهن کي ان جي خبر پوڻ کي تون ناپسند ڪرين.
تجربو به اهو ئي سيکاري ٿو ته چڱي ڪم ڪرڻ سان دل مطمئن رهندي آهي ۽ گناهه ڪرڻ تي ضمير پيو ملامت ڪندو آهي. ماڻهوءَ جو نفس شيطان جي چنبي ۾ ڦاسي گناهه جو ڪم ڪري ٿو وجهي. ان ڪري دل جي شڪ ۽ کٽڪي وارن ڪمن کان پاڻ بچائجي. توبهه تائب ٿي الله تعاليٰ کان معافي جو طلبگار ٿجي.
مطلب ته جنهن ڪم مان دل مطمئن نه ٿئي ۽ کٽڪي ته اهو ڪم نه ڪجي.شاهه عبداللطيف ڀٽائي به کٽڪي ۽ شڪ جي ڳالهه ڪئي آهي.
ڏسڻ جي ڏسين، ته همه کي حق چوين
“ شارڪ شڪ مَ ني” انڌا انهي ڳالهه ۾
(شاهه)
شاهه ڀٽائي اڃان وڌيڪ وضاحت ڪئي آهي ته:

ڏسڻ ڏکان اڳرو، سسئي آڻ مَ شڪ
ٿيءُ ٻانهي، ڀر اوئيون، لڏ مَ پسي لڪ
ور پنهون سين پلڪ، کوءِ ٻارهن ماه ٻين سين
(شاهه)