مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

رتي علم نه راس

مَا الۡمَسۡئُوۡلُ عَنۡھَابِأَعۡلَمُ مِنَ السَّائِلِ
( امام بخاري ۽ مسلم ابو هريره ﷦ کان روايت آندي ۽ مسلم رڳو عمر بن خطاب ﷦ کان روايت آندي آهي.)
ترجمو: جنهن کان پڇا ڪئي وئي آهي، سو پڇاڪندڙ کان وڌيڪ نه ٿو ڄاڻي.
مخدوم ٺٽويءَ وضاحت ڪندي لکيو آهي ته جبرئيل عليه السلام نبي پاڪ ﷺ کان قيامت بابت پڇيو ته قيامت ڪڏهن ايندي؟ ان جي جواب ۾ نبي ﷺ هي جملو فرمايو هو.
سمجهاڻي: در حقيقت سڀ علم الله تعاليٰ کي آهي. الله تعاليٰ پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان چونڊيل رسولن کي علم عطا فرمايو آهي. قرآن مجيد ۾ به آهي
عَالِمُ الۡغَیۡبِ فَلَا یُظۡھِرُ عَلیٰ غَیۡبِہٖٓ اَحۡدًا اِلَّا مَنِ الرۡتَضٰی مِنۡ رَّسُوۡلٍ
(پ ۲۹ سورۃ الجن آیت ۲۶،۲۷)
ترجمو: الله تعاليٰ غيب جون خبرون ڄاڻندڙ آهي. پوءِ اهو پنهنجي غيب تي ڪنهن کي واقف نه ٿو ڪري، سواءِ پنهنجي پسنديده رسولن جي.
سوره آل عمران ۾ ارشاد رباني آهي:
وَمَا کَانَ اللہُ لِیُطۡلِعَکُمۡ عَلَی الۡغَیۡبِ وَلٰکِنَّ اللہَ یَجۡتَبِیۡ مِنۡ رُّ سُلِہٖ مَنۡ یَّشَآءُ
(پ۴ سورۃ آل عمران آیت ۱۷۹)
ترجمو: الله تعاليٰ جو شان نه آهي جو( عام ماڻهن کي) علم غيب جو ڏئي ۽ ها الله تعاليٰ چونڊي ٿو پنهنجن رسولن مان جنهن کي چاهي.
هلو ۽ ملهو،” ڏک مَ پسو ڏوٿيا”.
سونهون جوساٿ جو، سو مون هوت سلو
آن پڻ ٿئي ڀلو، آئون به گڏجان پرين کي
(شاهه)