هٿان تو پيئي
( امام بخاري ، امام مسلم، احمد ۽ ابن ماجه هي حديث عمرو بن الاحوص الجشمي کان انهي معنيٰ سان روايت آندي آهي.)
ترجمو: ماڻهو چٽي پنهنجي هٿن جي ڪري پوندي آهي.
سمجهاڻي: انسان کي نفس ڀُڏا ڪم ڪرائي تباهه برباد ڪندو آهي. پوءِ پنهنجي نفس جون چٽيون ڀري پيو لوڙيندو آهي. هر انسان کي پنهنجن هٿن جي ڪمائي سامهون ايندي آهي. جي گناهه جا ڪم ڪندو ته هن دنيا ۾ به خوار، خراب ۽ آخرت ۾ عذاب ڀوڳيندو. پر جيڪڏهن هنن هٿن سان چڱا ڪم ڪندوته جڳ ۾ نيڪي ۽ آخرت ۾ خوشي ۽ جنت ماڻيندو.
دنيا جو اصول آهي ته” جو ڪري سو لوڙي، جو ڪري سو ڀري” ايئن ڪونهي ته “چٽي پئي چاڪر تي، ڀر وتايا تون”الله تعاليٰ به قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو آهي، “ نه ٿو گناهه ڪري انسان، مگر ان جي جزا ان تي آهي ۽ ڪوبه ماڻهو منهن جو بار نٿو کڻي”.
وَلَا تَکۡسِبُ کُلُّ نَفۡسٍ اِلَّا عَلَیۡھَا وَلَا تَزِرُ وَازِرُۃٌ وِّزۡرَ اُخۡرَیٰ ( پ ۸ سورہ الانعام آ يت 164)
ترجمو: هر ڪو ماڻهو جيڪي به ڪجهه به ڪمائي ٿو ان جو ذميواري هو پاڻ آهي.ڪوبه بار کڻندڙ ڪنهن ٻئي جو بار نٿوکڻي.
شاهه عبدالطيف ڀٽائي به سر ڪوهياري ۾ سسئي کي پنهنجي غفلت ۽ ننڊ جي ميار ڏئي چيو آهي.
“هٿان تو پيئي” ٿي ڪچو ڪيچين کي ڪرين
(شاهه)