مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ٿوري قوت قراريا

اَلۡقَنَاعَۃُ مَالٌ لَا یَنۡفَدُ وَ کَنۡزٌ لَا یَفۡنَی
( هي حديث مبارڪ امام طبراني المعجم الاوسط ۾ جابر بن عبدالله ﷦ کان روايت آندي آهي)
ترجمو: قناعت اهڙو مال آهي جيڪو نه کٽندو ۽ قناعت اهڙي کاڻ آهي جا ختم نه ٿيندي.
سمجهاڻي: وچٿري نموني گذارڻ ڏاهپ ۽ عقلمندي آهي قناعت ۽ ڪفايت شعاري جي هلڻ سان ئي ترقيءَ جو دروازو کلندو آهي. اجايو خرچ ڪرڻ ۽ بخيل ٿي گذارڻ به چڱو نه آهي. پر هر ڪم ۾ وچٿري نموني قناعت ڪفايت سان هلڻ ڪري ملڪ ۽ قوم ترقي ڪري سگهندا.
اسلام هميشه وچٿري نموني گذارڻ ۽ قناعت ڪفايت ۽ سادگي سان رهڻ جو ڏس ڏنو آهي. قناعت ڪفايت اهڙي وٿ آهي. جنهن سان دين ۽ دنيا جون مسرتون ماڻي سگهجن ٿيون.
شيخ سعدي شيرازي به قناعت جي تعريف هن ريت ڪئي آهي:
“اي دل! جيڪڏهن قناعت اختيار ڪرين. ته خوشي راحت جي ولايت ۾ بادشاهي ماڻي سگهندين. قناعت جي نور سان ئيزندگي کي سينگار ۽ اها ئي ڀاڳ واري جي نشاني آهي.”
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به قناعت بابت ملير جي مارن جو مثال ڏئي ٻڌايو آهي ته اهي ماروئڙا به ٿوري رزق ۽ قوت تي قرار ڪري ۽ قناعت سان گذارين ٿا.
“ ٿوري قوت قراريا” رهن سٻر ست
کٿيءَ ۾ کہ پڪليا، ڀوڻن اهڙي ڀت
پنهوارڪي پت، پيهي پڇ ملير ۾
(شاهه)