مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ولهيون ڍڪين وَلها

لَا تُظۡھِرِ الشَّمَاتَۃَ لِأخِیۡکَ فَیُعَافِیۡہُ اللہُ وَ یَبۡتَلِیۡکَ
( هيءَ حديث مبارڪ الترمذي روايت ڪئي آهي.واثله بن الاسقع ﷦ ان حديث کي حسن چيو آهي.)
ترجمو: پنهنجي ڀاءُ جو عيب ظاهر نه ڪر. ڇاڪاڻ ته پوءِ الله ان کي معاف ڪري، توکي ان ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو.
سمجهاڻي: الله تعاليٰ ستار غفار آهي. پنهنجي فضل و ڪرم سان ٻانهن جا عيب ڍڪي معافي ڏيندو آهي.
هن حديث مبارڪ ۾به مسلمان ڀاءُ جي پرده پوشي ڪرڻ جو حڪم آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪو ٻين جا عيب ڍڪيندو ته الله تعاليٰ ان جا به عيب ڍڪيندو ۽ جيڪو ٻين جا عيب کوليندو ته الله تعاليٰ ان جا به عيب کوليندو. ان ڪري ڪنهن جا عيب کولڻ نشانو بنائڻ ۽ گلا غيبت ڪرڻ اسلام ۾ منع آهي. هميشه باوقار صبر شڪر ۽ خوش اخلاي سان رهجي. ڪنهن جي نڪته چيني ۽ عيب جوئي نه ڪجي. هونئن به راز کولڻ کان ڍڪڻ ڀلو آهي.
شاهه ڀٽائي به رسالي ۾ الله تعاليٰ کان عيب ڍڪڻ ۽ پرين کي پت رکڻ جي پارت ڪئي آهي
جي مون موڙهي مت، ته تون پاڻ سڃاڻج سپرين
اصل اواين جا، عيب ڍڪين تون ات
اي پرين تنهنجي پت، “ جيئن وِلهيون ڍڪين ولها”
(شاهه)