مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ٽاڻان سندن ٽوهه

اِنَّ مِمَّا اَنۡبَتَ الرَّبِیۡعُ یَقۡتُلُ حَبَطَاً اَوۡ یُلِمُّ
( هيءَ حديث مبارڪ امام بخاري، مسلم، النسائي سڀني ابو سعيد الخدري ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
ترجمو: بيشڪ چيٽ ۾ ڦٽندڙ ڪي گاهه اهڙا هوندا آهن، جيڪي آڦري ڪري ماري وجهندا آهن يا مرڻينگ ڪري ڇڏيندا آهن.
سمجهاڻي: عربيءَ ٻوليءَ جا محوارا ۽ پهاڪا، اصطلاحون ۽ چوڻيون نهايت معنيٰ خيز ۽ عربي ادب جو خزانو آهن. نبي پاڪ ﷺ جا مختصر لفظ ته سون تي سهاڳو آهن.
هن مختصر نبوي لفظن جو نچوڙ هيءُ آهي ته ڪنهن اصهابي سڳوري پاڻ سڳورن ﷺ کان نيڪي بديءَ بابت سوال ڪيو. پاڻ سڳورن ﷺ جواب ۾ ارشاد فرمايو ته بيشڪ ڦٽندڙ ڪو گاهه جانور کي ماري وجهندو آهي يا آڦري ڪرائي مرنينگ ڪري ڇڏيندو آهي...... بيشڪ هي مال سرسبز ۽ مٺو آهي. پوءِ اهو مالدار چڱو آهي. جيڪو پنهنجو مال مسڪينن ،يتيمن ۽ مسافرن کي ڏئي.
هن سهڻي نبوي پهاڪي مان معلوم ٿيو ته جيڪو ماڻهو هن دنيا ۾ گهڻو مال ملڪيت ميڙي ۽ ان جي خفي ۾ دين کان پري ٿي وڃي. ته اهو ميڙيل مال سندس لاءِ هلاڪت ۽ بربادي جو سبب بڻبو.
صورت ۾ سهڻا، “ٽاڻان سندن ٽوه”
ريلو ڏئي روح، جو کائي سو کائي مري
(شاهه)