مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڳالهيون ڳهلي لوڪ سين،پڌر پئي نه ڪن

أحۡبِبۡ حَبِیۡبَکَ ھَوۡنًا مَّا فَعَسٰٓی أنۡ یَّکُوۡنَ بَغِیۡضَکَ یَوۡمًا مَّا
( هيءَ حديث مبارڪ امام بخاري “ الادب المفرد” ۽ امامترمذي به “جامع ترمذي” ۾ ابو هريره ﷦ جي روايت سان آندي آهي)
ترجمو: پنهنجي دوست سان وچٿري نموني سان محبت دوستي رک. ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن ڏينهن تنهنجو سخت دشمن به ٿي سگهي ٿو.
سمجهاڻي:مطلب ته انسان هر ڪم ۾ وچٿرائي سان هلڻ چڱو آهي تانته سنگت ساٿ رکڻ ۾ به وچٿرو قدم کڻجي. هر دوست ماڻهو کي دل جون ڳالهيون نه سلجن. ڇاڪاڻ ته ڪنهن جائز ناجائز سبب ڪري ڪڏهن ڪودسوت ڦري دشمن به ٿي پوي. ته اوهان جون سڀ دل جون ڳالهيون، راز ۽ رمزون معلومهئڻ ڪري. اوهان کي ڪنهن وڏي مصيبت ۾ ترت ڦاسائي وجهندو. ان ڪري سهڻي حبيب ﷺ جي دوستي رکڻ ۽ نباهڻ ۾به هي تعليم آهي ته هر دوست کي دل جو راز نه ڏجي. پر وچٿري نموني سنگت ساٿ سان نباهجي. ڪنهن جو مٺ گهرو نه ٿجي.پر هر هڪ سان چڱائي سان هلجي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به چيوآهي ته دلجون ڳالهيون گهلي يا عام ماڻهن سان ظاهر ڪري نه سلجن.
ڀڪليا ڀڻن،دلق گڏيو ڌوڙ ۾
ڳالهيون ڳهلي لوڪ سين ،پڌر پئي نه ڪن
ڪا من آهي تن، مون پريان جي ڳالهڙي
(شاهه)