مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ٿئين هوند حلال

اَلۡحَلَالُ بَیۡنٌ وَ الۡحَرَامُ بَیِّنٌ
(حيءَ حديث صحيح بخاري مسلم ابو دائود۽ النسائي ۾ آهي)
ترجمو: حلال پڌرو آهي ۽ حرام به پڌرو آهي.
سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ تي اسلام جي گهڻن حڪمن جو دارومدار آهي. شريعت ۾ حلال ۽ حرام شيون ظاهر ۽ پڌريون آهن. انهن شين جي چٽائي قرآن مجيد جي آيتن سڳورين، نبي سائين ﷺ جي حديثن مبارڪن ۽ فقه جي ڪتابن ۾ تفصيل سان آيل آهي.
باقي جن شين جي حلال ۽ حرام بابت ڪجهه مونجهارو ۽ شڪ رهي ته پرهيزگاري اهائي آهي ته انهن مشڪوڪ شين کان به پاڻ بچائجي ۽ پنهنجو دين ۽ مان مرتبو محفوظ رکجي.
الله تعاليٰ وٽ به وڌيڪ عزت وارو اهو آهي جيڪو وڌيڪ پرهيزگار آهي. مقصد ته درجا دلين تي آهن.
مشهور حديث نبوي آهي ته انسان جي بدن ۾ گوشت جو هڪ ٽڪرو آهي. جيڪڏهن اهو صحيح رهيو.ته سڄو بدن درست رهندو ۽ جي اهو خراب ٿي ويو ته سڄو بدن به خراب ٿي ويندو ۽ اهو ٽڪرو دل آهي (بخاري)
شاهه ڀٽائي حلال۽ حرام جوفلسفو جدا جدا بيتن ۾ هن ريت آندو آهي.
“ٿئين هوند حلال”جي پند اها ئي پارئين
*
هئڻ ڪو حرام، کام ته کاهوڙي ٿئين