مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

گهوڙن ۽ گهوٽن

خَیۡرُ مَالِ الۡمَرۡءِ مُھۡرَۃٌ مَامُوۡرَۃٌ اَوۡ سِکَّۃٌ مَأۡ بُوۡرَۃٌ
( هي لفظ مبارڪ امام احمد مسند احمد ۾ ۽ الطبراني المعجم الڪبير ۾ سويد بن بصيرة ﷦ کان روايت ڪيا آهن.)
ترجمو: ماڻهو جو ڀلي ۾ ڀلو مالاهڙو گهوڙو آهي جيڪو نسل وارو هجي يا نر ڏنل کجين جون قطارون.
سمجهاڻي: گهوڙو مجاهد لاءِ سواريءَ جو سهنو ذريعو ۽ هٿيار آهي. جهاد لاءِ گهوڙو ڌارڻ اجر ۽ ثواب آهي. ان ۾ برڪت به آهي. مال غنيمت به ملي ٿو. ڀلي نسل واري گهوڙي تي سواري ڪرڻ مجاهد جي نشاني آهي. سوره العاديات ۾ به جنگي مجاهدن جي گهوڙن جي مختلف ادائن جو الله تعاليٰ قسم کنيو آهي.
حديثن ۾ کجيءَ جي وڻ بابت فضيلت آيل آهي. کجيءَ جو وڻ، کجور ۽ پن به انسانن لاءِ بيحد ڪارائتا ۽ فائديمند آهن. کجيءَ جي وڻ کي انسان جي پڦي چيوويو آهي. ڀلي پار حرمين شريفين ۾ کجيءَ جا باغات ۽ کجور جا ڪارخانا آهن. حاجي سڳورا برڪت لاءِ ڀلي پار مان کجور سوکڙي طور آڻيندا آهن.کجور ۾ شفا ۽ برڪت آهي. سنڌ ۾ به خيرپور ضلعي ۾ کجيءَ جا گهڻا باغ آهن. انهن مان باغ ڌڻي ،مزدور به وڏو فائدو حاصل ڪن ٿا.
مطلب ته ڀلي نسل جا گهوڙا ۽ کجيءَ جي وڻن جون قطارون ۽ باغ انسانن لاءِ برڪت ئي برڪت آهن.
شاهه ڀٽائي به مجاهدن جي گهوڙن ۽ گهوٽن جو ذڪر ڪيو آهي.
گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئن ٿورا ڏينهڙا
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا
(شاهه)