ڪسر ڇڏ ڪنواٽ
( هي لفظ مبارڪ القسطلائي المواهب اللدنيه ۾ آندا آهن ۽ چيائين ته اهڙي طرح ڪن هنن لفظن کي روايت ڪيو آهي ۽ حوالو ۽ اصحابي جو ذڪر آيل ڪونهي.)
ترجمو: برائي جو ڇڏي ڏيڻ به صدقو آهي.
آئون (مخدوم هاشم ٺٽوي) چوان ٿو ته صحيح بخاري ۾ ابو موسيٰ اشعري کان ان معنيٰ سان اها حديث مبارڪ آئي آهي.ان حديث مبارڪ جي منڍ۾ آهي ته: هر مسلمان تي صدقو ڪرڻ لازم آهي.
ان حديث جي آخر ۾ آهي ته پوءِ جنهن ماڻهو وٽ صدقي ڏيڻ لاءِ مال متاع نه هجي. ته نيڪيءَ جو حڪم ڪري ۽ برائي کان روڪي ڇاڪاڻ ته اهو به صدقو آهي.
سمجهاڻي: مشهور حديث مبارڪ آهي ته “ صدقو مصيبت ٽاريندو آهي.” صدقو مال ملڪيت ڏيڻ سان به ٿيندو آهي.برائيءَ کيڇڏڻ ۽ چڱائيءَ جو امر ڪرڻ ۽ صدقو آهي.جيئن هن حديث مبارڪ جي لفظن ۾ آيل آهي مسلمان ڀاءُ کي سلام ڪرڻ ٺاهه ڪرائڻ سهڻو ڳالهائڻ، رستي تان ڪنڊو، ٺڪر ڀتر ۽ تڪليف ڏيندڙ شيءِ پري ڪرڻ ، وڻ پوکڻ، ماڻهن سان خندهه پيشاني سان مرڪي ملڻ، خدمت ڪرڻ ۽ کارائڻ پيارڻ به صدقو آهي. بهتر آهي ته پنهنجو پاڻ کي برائيءَ کان بچائي، صدقي جو ثواب حاصل ڪجي.
شاهه ڀٽائي به ڪنواٽ کي ڪسر ڇڏڻ ۽ چڱي ڪم ۾ وک وڌائڻ جو چيو آهي
“ڪسر ڇڏ ڪنواٽ” وکون وجهه وڌنديون
سنئين سپيرين جي، ونگي ڀانءِ مَ واٽ
ڇڏ جهوري ڏي جهاٽ، نه هونديءَ رات هت مڙون
(شاهه)