هيرا لعل هٿن سين
( حنن لفظن کي الشامي “سيرت” ۾ آندو آهي. حوالو ۽ اصحابي جو نالو آيل ڪونهي.)
ترجمو: مون کي جامع ڪلما يا لفظ ڏنا ويا آهن.
سمجهاڻي: نبي پاڪ صاحب لولاڪ محمد رسول الله ﷺ به فصاحت بلاغت وار سهڻا لفظ مبارڪ ڳالهائيندا هئا. ڄڻ ته مجلس ۾ موتي پيا وراهيندا هئا ۽ هيرا جواهر پيا جرڪندا هئا. پاڻ سڳورا ﷺ مختصر ۽ جامع لفظ ڳالهائيندا هئا. جيڪي ظاهر ۾ ٿورا لفظ پر انهن جون معنائون گهڻيون هونديون هيون.
نبي ﷺ ائين به فراميوڳ آهي ته مون کي ڇهه اهڙيون خوبيون مليون آهن جيڪي اڳين سبين سڳورن کي نه ڏنيون ويون هيون.
1. مون کي جامع ڪلما مليا.
2. مهيني جي پنڌ تائين دشمن مٿان مون کي رعب ڏنو ويو.
3. مون لاءِ غنيمت جو مال حلال ڪيو ويو.
4. مون لاءِ سموري زمين کي مسجد ۽ پاڪ بنايو ويو.
5. مون کي سڀ مخلوق ڏي نبي ڪري موڪليو ويو.
6. مون تي نبوت جي پڄاڻي ٿي يعني آئون آخري نبي آهيان
( مسند امام احمد)
شاهه ڀٽائي به جامع لفظن کي ماڻڪ موتي لعل ۽ هيرا جواهر چيو آهي:
اي گت غواصن، جئن سمنڊ سوجهيائون
پيهي منجهه پاتار جي ماڻڪ ميڙيائون
آڻي ڏنائون،” هيرا لعل هٿن سين”.
(شاهه)
پير پروڙي کڻ
اِیَّاکُمۡ وَ خَضۡرَاءَ الدِّمَنِ
( هيءَ حديث جا لفظ الزمهرمزي العسڪري القضاعي ۽ الديلمي ابو سعيد الخدري کان روايت ڪيا آهن)
ترجمو: پاڻ کي ڀاڻ جي ڍير جي سائي گاهه کان بچايو
سمجهاڻي: مال جي گند گوبر پاڻ تي جيڪو سائو گاهه ڄمندو آهي اهو ڀاڻ جي ڪري ڏسڻ ۾ ڏاڍو ڀلو ۽ سائو چهچ ٿيندو آهي پر اهو اندران ڀلو نه هوندو آهي.زهر ۽ ڀاڻ هوندو آهي.نبي پاڪ ﷺ هن حديث شريف ۾ ان عورت ڏانهن اشارو ڏنو آهي. جيڪا ظاهر ۾ ته سينگاريل سهڻي هجي پر سندس لڇڻ خراب هجن. اهڙي عورت جو گڻ جو اثر اولاد تي به خراب پوندو. ان ڪري هميشه چڱي حسب نسب ۽ سٺي اخلاق واري عورت سان شادي ڪجي. سهڻي صورت تي نه ڀلجي پئجي. پر سهڻي سيرت ۽ لڇڻ کي نظر ۾ رکجي.شاهه عبداللطيف ڀٽائي به ظاهري سونهن تي موهجڻ کان منع ڪئي آهي.ٽوهه، ول ۾ ڏسڻ ته ڏاڍو سهڻو هوندو آهي. پر کائڻ سان زهر لڳندو آهي. اهڙي بري ماڻهو جون ڳالهيون ته ڏاڍيون مزيدار ۽ نفس کي راضي ڪرڻ لاءِ هونديون آهن. پر انهن جو نتيجو خراب ۽ آخرڪار بربادي ۽ تباهي پلئه پوندي.
سڌن جيون سيد چئي، وٿون سڀ وڪڻ
“پير پروڙي کڻ” ته هلڻ ۾ هوري وهين
(شاهه)
مخدوم نوح هالائي به دنيا واري ڌڄ تي موهجڻ کان روڪيو آهي.
متان ڏسي موهجين، دنيا وارو ڌڄ
جدا ڪر جودئون،ڇائي کي ٿي ڇڄ
اڄ نه ٿئي سڀان، سڀان نه ٿئي اڄ
نر مل” نوح فقير” چئي، ڪر رب سان ريجهي رڄ
مٺيون ڀيڙي ڀڄ، وقت وڃئي ٿو ويسلا
(مخدوم سرور نوح هالائي)