مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

دليون پر کي داسڙو

اِنَّمَا الۡاَعۡمَالُ بِالنِّیَّاتِ
( هيءَ حديث مبارڪ امام بخاري ۽ مسلم ۽ ٻين عمر بن خطاب ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
ترجمو: عملن جو دارومدار نيتن تي آهي
ڪن عالمن چيو آهي ته هيءَ حديث دين جو تيون حصو آهي..
سمجهاڻي: اسلام جي نظام عمل ۾ نيت کي بنيادي حيثيت حاصل آهي. هر ڪم ۾ نيت صحيح هوندي. ته ڪم سٺو ٿيندو ۽ ان جو ثواب به ملندو ۽ جيڪڏهن نيت خراب هوندي. ته چڱي ۾ چڱو عمل به خراب ٿي پوندو. ثواب جي عيوض عذاب پلئه پوندو.
نيت جي معنيٰ آهي دل ۾ ڪنهن ڪم جو ارادو يا قصد ڪرڻ. “عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.” حديث جو ٽڪرو آهي. پوري حديث هي آهي. جنهن ۾ نيت ۽ عمل جي سمجهاني به آهي.
“ عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. هر شخص جي لاءِ ان جي نيت آهر اجر ثواب آهي. جنهن جي هجرت الله تعاليٰ ۽ سندس رسول جي لاءِ آهي ته ان جي هجرت الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول جي راضپي جو سبب آهي ۽ جنهن جي هجرت دنيا حاصل ڪرڻ ۽ يا ڪنهن عورت سان شادي ڪلرڻ خاطر هوندي. ته ان جي هجرت ان لاءِ هوندي. جنهن لاءِ هجرت ڪيائين”
الله تعاليٰ ٻانهي جو منهن مهانڊو نه پر دليون پرکي ٿو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به سر ليلا چنيسر ۾ “دليون پرکي داسڙو” جي ڳالهه ڪئي آهي.
هئين ته گهڻو هشيار، ڪل به هيئي ڪانڌ جي
تو ڀانيو موچاري ٿيان، ڳچي پائي هار
ڪانڌ ڪوڙي جو نه وڻي، سئين ڀتين سينگار
وهم لهي وينجهار، “ دليون پرکي داسڙو”
( شاهه)