مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ٻهران زيب زبان سين

ذُو اللِّسَانِیۡنِ فِیۡ النَّارِ
( هيءَ حديث مبارڪ جا لفظ ابو دائودروايت ڪيا آهن.)
ترجمو: ٻه زبانو شخص به باهه ۾ ويندو
سمجهاڻي: ٻه زبانو ماڻهو به ڪوڙو ۽ وعدي خلافي ڪندڙ هوندو آهي. ٻه زبانو شخص به منافقن ۾ ڳڻيو ويندو آهي. هڪ ماڻهو سان هڪ ڳالهه ته ٻي ماڻهو سان ٻي ڳالهه ڪري پنهنجو مطلب ۽ مفاد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پر نيٺ پنهنجي ٻه زباني ڪردار ڪري ظاهر ٿي پوندو آهي ۽ دنيا ۾ به بدنام ٿي پوندو آهي. ٻه زباني ماڻهوءَ جي ڪردار کي “ ٻه مُنهين بلا” چيو ويندو آهي. دنيا ۾ کڻي ٿورو گهڻو مطلب حاصل ڪندو آهي پر آخرت ۾ وڃي پوندو. اتي پيو سڙندو پڄرندو ۽ ٻه زباني ڪردار جي سزا لوڙيندو، الله تعاليٰ مسلمانن کي ٻه مُنهين ۽ ٻه زباني ڪردار کان بچائي. هڪ سختو ۽ سچو باڪردار مسلمان بنائي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به اهڙي ماڻهو کي ٻاهران زيب زبان سين ۽ قلب جو ڪارو ۽ دل ۾ هچارو سڏيو ۽ ان جو بدڪردار وائکو ڪيو آهي:
مُنهن ته آهيريانئي اجرو، قلب ۾ ڪارو
“ٻهران زيب زبان سين” دل۾ هچارو
ان پر ويچارو، ويجهو ناهه وصال کي
(شاهه)