وکرسو وهاءِ،جوپئي پراڻو نه ٿئي
هيءَحديث مبارڪ الديملي مسند الفردوس ۾ ۽ ابو نعيم حلية الاولياء ۾ آندي آهي.)
ترجمو: گناهه وساريو نه ويندو،نيڪي پراڻي ڪانه ٿيندي ۽ الله تعاليٰ ڪونه مرندو،جيڪي وڻئي سوڪر.
سمجهاڻي: انسان ڪيترو به لڪي ڇپي گناهه ڪري، پر اهو دل۾ پيو کٽڪندو آهي ۽ ضمير ملامت پيوڪندو آهي ته هي ڀڏو ڪم آهي ان جو ضرور الله تعاليٰ وٽ حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو.
نيڪي کڻي ٿورڙي هجي ته به ان جو الله تعاليٰ وٽ وڏواجر ۽ ڏهوڻو ڏيج آهي.قرآن شريف جي سوره الزلزال ۾ آهي ته” پوءِ جنهن ماڻهو واريءَ جي ذري جيتري چڱائي ڪئي هوندي اهو انکي ڏسندو.” يعني ان نيڪي جو اجر ثواب لهندو.(پاره 30 آيت 7)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به چيو آهي:
“وکر سو وهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي”
ويچيندي ولات ۾ذرو ٿئي نه ضاءِ
سا ڪا هڙ هلاءِ،آڳهه جنهن جي ابهين
(شاهه)
الله تعاليٰ قادر قهار ۽ حي القيوم آهي.اهو هميشه کان زنده ۽ دائم قائم آهي ۽ هر جاءِ تي هاضر ناظر به آهي. ان ڪري غافل انسان کي اهو ضرور هنئين سان هنڊائڻ گهرجي ته نيٺ مري هيءُ جهان ڇڏڻو ۽ اڳتي قبر قيامت ۾ حساب ڪتاب ڏيڻو آهي. ان ڪري برائيءَ کان ڪوهين دور ٿي.اهو ڪي ڪجي جو قبر قيامت ۾ ڪم اچي.
مخدوم هاشم ٺٽوي به هن حديث جي معنيٰ موافق هزارين ديني ادب جا ڪتاب پڙهي.هي نتيجو ڪڍيو آهي ۽ ڏاڍي سهڻي ڳالهه لکي آهي:
“چار هزار ڪتاب پڙهيم، انهن مان چار ڳالهيون پسند ڪيم”
1. هڪ هيءَ ته اي منهنجا نفس! الله جي عبادت ڪرين ته ڪر، نه ته ان جو رزق نه کاءُ.
2. ٻيهيءَ ته اي منهنجا نفس! جنهن کان الله تعاليٰ روڪ ڪئي آهي ان کان پاسو ڪر نه ته ان جي ملڪ مان نڪري وڃ.
3. ٽين هيءَ ته اي منهنجا نفس! جيڪي ازلي قسمت مان توکي پهچي.ان تي صبر ڪر نه ته ٻيو ڪو خداڳول جيڪو توکي رزق روزي وڌائي ڏي.
4. چوٿين هيءَ ته اي منهنجا نفس! جي گناهه جي ڪم جو خيال ڪرين ته ڪا اهڙي جاءِ تلاش ڪر جتي توکي خدانه ڏسي نه ته گناهه نه ڪر.
( علامه غلام مصطفيٰ قاسمي “مقالات قاسمي” حيدرآباد 2000ع ص 311)