ٻاهر ٻاڦ نه نڪري
( هيءَ حديث الطبراني، المعجم الڪبير، المعجم الاوسط ۽ المعجم الصغير ۾ بيهقي شعب الايمان۾. ابو نعيم حلية الاولياء،ابنعديالڪامل ۾ابن ابي الدنيا ۽ عسڪري به آندي آهي)
ترجمو: ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڳجهه ڳوهه کان ڪم وٺو. ڇاڪاڻ ته هر نعمت واري بيٺل ماڻهو سان ساڙ ڪيو ويندو آهي.
سمجهاڻي:پهاڪو آهي ته “ سکيئي کي ڪير سهي ڪون ۽ بکئي کي ڪو ڏئي ڪون” دنيا جو اڪثر دستور آهي ته سکيئي ستابي ۽ خوشحال ماڻهو کان ساڙ سڙيا پيا سڙندا آهن. ڪو چڱوڪم سوچيندو ته ان جي ڪرڻ کان اڳ ۾ رڪاوٽون وجهي کيس پريشان ڪريوڇڏين. ان ڪري سهڻي سردار ﷺ هر ڪم ۾ راز رکڻ ۽ واءِ واءِ نه ڪرڻ جو ڏس ڏنو آهي. ايئن ڪرڻ سان ماڻهو پنهنجو وڏو يا ننڍو ڪم دلجمعي ۽ اطمينان سان پورو ڪري ڪاميابي ماڻي سگهندو.
جڏهن اهواهم ڪم پورو ٿي وڇي ته پوءِ ڀلي شڪر ۽ نعمت طور ان کي ظاهر ڪجي. پر بهتر آهي ته راز کي راز ئيرهڻ ڏنو وڃي. ته جيئن ساڙ سڙين جي مخلافت کان محفوظ رهجي. مشهور آهي ته سڪندر اعظم بادشاهه ايتري قدر رازداري رکندو هو. جو اوڀر طرف حملي ڪرڻ جو ارادو هوندو هوس. ته خيمي جو منهن اولهه ڏانهن ڪندو هو. رازداري رکڻ سان ئي دنيا تي بادشاهي ڪيائين.
شاهه ڀٽائي به ڪنڀار جي ٿانون پچائڻ جي نهائين (آوي) جو مثال ڏئي راز ڍڪڻ جو چيو آهي.
نهائين کان نينهن، سک منهنجا سپرين
سڙي سارو ڏينهن،ٻاهر ٻاڦ نه نڪري
(شاهه)