قلب ساڻ لسان
( هيءَ حديث مبارڪ ضعيف سند سان القضاعي ۽ العسڪري حضرت جابر بن عبدالله کان روايت آندي آهي.)
ترجمو: انسان جي سونهن سوڀيا زبان جي فصاحت ۾ آهي.
سمجهاڻي: ماڻهو کڻي ڪهڙو به سهڻو سيبتو ۽ وڏي مان مرتبي وارو هجي.پر زبان جو سخي ۽ ڳالهائڻ جو مٺو ۽ سنجيدو نه آهي ته ٽڪو ئي نه لهي. زبان جي تيزي ،ڳالهائڻ جي تندي ۽ زبان ۾ ڪڙاڻ هوندي ته سڀ ڪو پيو ٽهندو. پراوا ته پراوا پر پنهنجا به زبان جي ڪڙاڻ ۽ ڪنجوسائپ کان وونئن پيا ويندا ۽ تکي زبان واري ماڻهو جي پاڇي کان به ڀڄندا.
زبان جي سخاوت، قابليت ،مهارت ،فصاحت ۽ بلاغت انسان جي سونهن آهي. ماڻهو کڻي غريب هجي پر زبان جو سٺو ڳالهائڻ جو سخي ۽ سهڻو ۽ مٺڙا ٻول ٻوليندڙ کي هر ڪو جيءُ ۾ جايون ڏيندو آهي.
اها زبان اس۾ به ويهاري ته ڇانءِ ۾ به ويهاري. مشهور آهي ته تلوار جو زخم ڇٽي ويندو.پر زبان جو ويڻ مرڻ گهڙي تائين نه وسرندو آهي.
ان ڪري اسلام ۾ حسن اخلاق ۽ سهڻي ۽ مٺي ڳالهائڻ جي ترغيب ڏني وئي آهي. هن حديث مبارڪ ۾ به انسان جي سونهن سوڀيا جو دارومدار زبان جي فصاحت تي رکيو ويو آهي.
شاهه ڀٽائي به الله ۽ رسول تي ايمان آڻڻ لاءِ دل سان گڏ زبان جو اقرار لازمي قرار ڏنو آهي.
وحده لا شريڪ له، جن اتوسين ايمان
تن مڃيو محمد ڪارڻي، قلب ساڻ لسان
(شاهه)