مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

هو چونئي تون مَ چئو،واتان ورائي

اَلۡبَلَاءُ مُوَکَّلٌ بِالۡمَنۡطِقِ
(هيءَ حديث الادب المفرد امام بخاري،الادب المفرد ابن ابي شيبه القضاعي مسند الشهاب ۾ابن سمعاني، الديلمي الفردوس ۾ ۽ العسڪري به جمهرة الامثال ۾ آندي آهي)
ترجمو: ڪيتريون مصيبتون زبان جي ڳالهائڻ سان ٻڌل يا پيدا ٿينديون آهن.
سمجهاڻي: ذڪر ۽ سهڻيون ڳالهيون ڪندڙ زبان الله تعاليٰ جي نعمت آهي. گار گند ۽ گلا غيبت ڪندڙ زبان عذاب آهي
هن زماني ۾ گهڻيون مصيبتون زبان سان اجايو ڳالهائڻ،ڪوڙ هڻڻ، پرائي پچار ڪرڻ سان پنهنجي لاءِ پاڻ پيدا ڪجن ٿيون. اها زبان ئي آهي جيڪا انسان کيکٽ تي به ويهاري ته بدزباني ڪري پٽ تي به ويهاري ٿي.زبان جي گهڻي بڪواس گلا ۽ چغل خوري ڪري ته وڏا جهيڙا ۽ خونريزي تائين نوبت وڃيو پهچي.زبان جي حفاظت هرهڪ مومن جو فرض آهي. زبان سان الله ۽ رسول ﷺ جون سهڻيون ڳالهيون ڪجن. نه ته خاموش رهڻ بهتر آهي.
نبي سائين ﷺ ته ائين فرمايو آهي ته “زبان ۽ اوگهڙ جي ضمانت توهان ڏيو ته آئون اوهان کي انهن جي عيوض جنت جي ضمانت ڏيان ٿو ( بخاري)
امام غزالي رح جڳ مشهور ڪتاب “ احياءُ العلوم الدين”۾زبان جي افتن بابت وڏوبحث ڪيو آهي ته انسان کي يا ته زبان سان ڀليون ڳالهيون ڪرڻ کپن نه ته خاموش رهڻ بهتر آهي.ارساد نبوي ﷺ به آهي ته “جنهنماٺ ڪئي ان ڇوٽڪارو لڌو”(ترمذي) ڀلائي هن ۾ آهي ته هميشه سهڻو ۽ ٿورو ڳالهائجي. خراب ۽ گهڻي ڳالهائڻ کان پاسو ڪجي ۽ خاموش رهجي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به چيو آهي ته:
هو چونئي تون مَ چئه واتان ورائي
اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سوکائي
پاند ۾پائي، ويو ڪينيوارو ڪينڪي
(شاهه)