مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

بڇڙن ساڻ ڀلائيون

أدَّ الۡامَانَۃَ اِلیٰ مَنِ ائۡتَمَنَکَ وَلَا تَخُنۡ مَنۡ خَانَکَ
( هيءَ حديث مبارڪ ابودائود، ترمذي،دارمي،مستدرڪ ، حاڪم، دارقطني ۽ الطبراني المعجم الڪبير ۽ المعجم الصغير ۾ آهي)
جيڪو تو وٽ امانت رکي ته ان کي امانت با سلامت موٽائي ڏي ۽ جيڪو توسان خيانت ڪري ته تون ان سان خيانت نه ڪر.
سمجهاڻي:امانت جو وڏو بار آهي. جيڪو ماڻهو توکي امين ۽ چڱو ماڻهو امانت دار سمجهي. ڪا امانت رکي ته حق ايئن آهي ته ان کي سندس امانت سئي سڳي سميت موٽائي ڏي ۽ پنهنجي امانت داري قائم رکقرآن ڪريم ۽ حديث ۾ امانت ادا ڪرڻ جو گهڻو تاڪيد آيل آهي.
البته جو ماڻهو توسان خيانت ۽ دوکو ڪري ته به تون ان جي بدلي ۾ پلاند طور خيانت ۽ دوکو نه ڪر. پر پنهنجي امانت داري تي قائم رهه. ڇاڪاڻ ته چڱي سان ته هر ڪو چڱائي ڪندو آهي.پر ڀلو ماڻهو اهو آهي جو بري سان به ڀلائي ڪري.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيو آهي:
چڱن ساڻ چڱائيون،ائين هر ڪو هوءِ
تو جيئن ڪري نه ڪوءِ، بڇڙن ساڻ ڀلائيون.
(شاهه)