مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

سوڍي جي صلاح

اَلۡمُسۡتَشَارُ مُؤۡتَمَنٌ
( هيءَ حديث مبارڪ امام احمد ، ابو مسعود انصاري(عقبه بن عمرو) کان روايت آندي آهي. ابو دائود، الترمذي، النسائي ۽ ابن ماجه، ابو هريره ﷦ کان ۽ الطبراني سمره ﷦ کان روايت آندي آهي.)
ترجمو: جنهن کان صلاح مشورو ورتو وڃي. سو امانتدار آهي.
سمجهاڻي: دين دنيا ۾ صلاح مشوري جي وڏي اهميت آهي. جڏهن ماڻهو ڪنهن مشڪل ڳالهه ۾ منجهي پوي، ته هاڻي ڇا ڪرڻو آهي؟ ان وقت پنهنجي دلي دوست، وڏي مٽ مائٽ، استاد، مرشد ۽ صالح شخص سان صلاح مشورو ڪرڻ ۽ سهڻي صلاح ملڻ سان اهو مشڪل آسان ٿي ويندو. نقصان کان بچي سگهبو ۽ فائدو ملندو. جڏهن صلاح مصلحت ۾ ٻه ٽي چڱا ماڻهو ۽ ذهن گڏجي ڪا ڳالهه سوچيندا. سا ضرور فائديمند هوندي.
قرآن شريف ۾ به صلاح مشوري ڪرڻ بابت آيل آهي ته:
.وَ شَاوِرۡھُمۡ فِی الۡاَمۡرِ (پاره 4 سوره آل عمران آيت 159)
ترجمو: ۽ انهن سان اهم ڪمن ۾ مشورو ڪريو.
هي ڳالهه به لازم آهي ته ڪنهن کان صلاح مشورو وٺجي ته سهڻي صلاح ڏيڻ گهرجي ۽ ڪنهن کي غلط مشورو ڏئي نقصان نه پهچائجي. غلط مشورو ڏيڻ گوياامانت ۾ خيانت آهي.ڀٽائي به چيو ته سوڍي جي صلاح سان ڪونر چرندين ڪاڪ جا:
ڪرها ڪارڻ ڪاه، توکي ڌڻين ڌاريو
ساري ڏيج سيد چئي، لڊاڻي تان لاه
مقابلو مومل سين، ٿيندو سنجهه صباح
“سوڍي جي صلاح” ڪونر چرندين ڪاڪ جا
(شاهه)