مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

هارين هر سنباها

أطۡلُبُوۡا الرِّزۡقَ مِنۡ خَبَایَا الۡاَرۡضِ
( هيءَ حديث مبارڪ ابو يعليٰ الموصلي الطبراني ۽ البيهقي ۾ موجود آهي.)
ترجمو: زمين جي پوکن يا کاڻين مان رزق جي ڳولا ڪريو.
سمجهاڻي: اسلام ۾ محنت مزدوريءَ جي وڏي اهميت آهي. پورهيت خدا جودوست آهي. ٻار ڄمندو آهي ته الله تعاليٰ اڳ ۾ سندس ماءُ جي ڇاتيءَ ۾ کير پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. پر جيسين ٻار نه رئندو آهي. ته ماءُ ٻار کي ٿڃ نه ڏيندي آهي.
اهڙيءَ ريت انسان جي هندنيا تي اچڻ سان الله تعاليٰ رزق ۽ روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا. پر پوکي راهي ۽ محنت مزدوري شرط آهي. حضور ﷺ جي پياري ٻول مبارڪ مان ظاهر آهي ته هر هلايو، زمين کيريو ،پوک ڪريو. باغ باغيچا لڳايو ته رزق ۽ گذر سفر جا اسباب پيدا ٿيندا ۽ سکيا ستابا ٿيندو.
هي جديد سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جو دور آهي. زمين جي اندر کاڻين مان سون،چاندي، پئٽرول، گيس،ڪوئلو ۽ ڌاتو وغيره ڳولي معاشي حالتون سڌارڻ گهرجن. ته جيئن ڪنهن جو محتاج نه ٿيڻو پوي. رزق ته رب جي هٿ ۾ آهي.پر انسان کي لوچڻو آهي.
لوچينسي لهن، جڏهن تڏهن پرين کي
شاهه ڀٽائي به هارين کي هر هلائڻ جي ڳالهه رسالي ۾ هن ريت ڪئي آهي
مند ٿي منڊل وڄيا، تاڙي ڪئي تنوار
هارين هر سنباها سرها ٿيا سنگهار
اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا
(شاهه)