مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

سڀيئي سهاڳڻيون

اَلنَّاسُ کَأسۡنَانِ الۡمِشۡطِ
( هيءَ حديث مبارڪ ابن لال”مڪارم الاخلاق” ۾ سهل بن سعد ﷦ کان روايت آندي آهي.)
ترجمو: ماڻهو ڦڻيءَ جي ڏندن جيان آهن.
سمجهاڻي: سڀ انسان حق ۾ حقوق ۾ برابر آهن. البت سڀني ۾ بهتر اهو آهي. جيڪو وڌيڪ پرهيزگار آهي. مقصد ته سڀ انسان ڦڻيءَ جي ڏندن وانگر هڪجهڙا برابر آهن. ڪنهن کي به هڪ ٻئي جي مٿان ڀلائي ۽ فوقيت نه آهي. ها تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ واري کي ڀلائي ۽ فوقت آهي. ظاهري زيب زينت ۽ هار سينگار کي اهميت ڪانهي. خدا جي خوف ۽ پرهيزگاريءَ جي ئي اهميت ۽ افضليت آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به سر ليلا چنيسر ۾ سڀني انسانن کي “ سڀيئي سهاڳڻيون” سڏيو آهي. پر نياز نوڙت ۽ پرهيزگاريءَ کي اهميت ۽ فوقيت ڏني آهي.
.
“سڀئي سهاڳڻيون” سڀني ڳچيءَ هس
پسڻ ڪارڻ پرين جي، وڏا ڪيائون وس
ڍول تنين جي گس، هيٺاهيون هلن جي
(شاهه)