مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ادب ۽ اخلاق جا سڙهه ٻڌج سوري

لَا تَرۡفَعۡ عَصَاکَ عَنۡ اَھۡلِکَ اَدۡبًا
( هن حديث مبارڪ کي امام احمد بن حنبل روايت ڪيو آهي.)
ترجمو: پنهنجي اهل عيال تان ادب سيکارڻ لاءِ لٺ پري نه ڪر.
سمجهاڻي: پيءُ ماءُ جي مٿان اولاد جو حق آهي ته ان جو نالو سٺو رکي. سٺي تعليم تربيت ۽ شادي ڪرائي. گهڻو پيار ۽ لاڏ ڪوڏ ٻار کي سست ڪاهل ۽ کاري خراب ڪري ڇڏيندو آهي.ان ڪري پنهنجي اولاد جي تعيلم سان گڏ سهڻي تربيت جو به وڌ ۾ وڌ خيال رکجي.اولاد کي ادب احترام سيکارڻ لاءِ ڪجهه سختي ڪرڻي پوي ته دڙڪو دهمان ۽ لٺ ۽ چٺ به ڏيکارجي. پرڏاهپ ۽ حڪمت عملي، شفقت ۽ سختي سان ٻار جي سنوار ڪجي.
پاڻ سڳورن ﷺ جي ابودائود۾ به حديث آهي ته:
“ پنهنجي اولاد کي ستن سالن جي عمر ٿيڻ تي نماز جو حڪم ڪريو. ڏهن سالن جا ٿين.نماز نه پڙهن. ته کين مار ڏيو ۽ سندن هنڌ جدا ڪريو.”
اولاد جي تعليم سان گڏ سهڻي تربيت کير ۽ کنڊ برابر آهي.
اولاد جي مٿان به والدين جو حق آهي ته پيءُ ماءُ جي فرمانبرداري ڪري. دين دنيا ۾ سندن دعائون کٽن ۽ اجر دارين حاصل ڪن.
شاهه ڀٽائي به ادب ۽ اخلاق جي تلقين ڪئي آهي.
تن ۾ ترازو توهه جي، گهڻون لهه گهوري
“ ادب ۽ اخلاق جا سڙهه ٻڌج سوري”
(شاهه)