مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

اُڀو آڇي اڇ

لَا یَکۡمُلُ اِیۡمَانُ الۡمَرۡءِ حَتّٰی یُحِبَّ لِاَخِیۡہِ مَا یُحِبَّ لِنَفۡسِہٖ
( امام بخاري، مسلم، الترمذي، النسائي ۽ ابن ماجه سڀني انس بن مالڪ ﷦ کان روايت آندي آهي.)
ترجمو: ڪامل ايمان وارو ماڻهو اهو آهي جيڪو پنهنجي ڀاءُ لاءِ اها شيءِ پسند ڪري جيڪا پنهنجي لاءِ پسند ڪري.)
سمجهاڻي: ڪامل ايمان وارو ماڻهو اهو آهي جيڪو سڀني جو خير خواهه ۽ گهڻگهرو هجي. پنهنجي لاءِ هر ڪو چڱو ڪم پسند ڪندو آهي ۽ ايمان دار مومن جي به اها نشاني آهي ته جيڪا شريعت اسلام ۾ شيءِ حلال ۽ جائز آهي. اها پنهنجي لاءِ پسند ڪري ٿو ته ٻين مسلمان ڀائرن لاٰ به اها شيءِ پسند ڪري ۽ مومن ٿيڻ جو ثبوت ڏئي.برائي بڇڙائي کان پاڻ ته بچجي. پر پنهنجن عزيزن قريبن يارن دوستن ۽ سڀني ماڻهن کي برائي کان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪجي. چڱي ڪم ۾ سڀني کي ڀاڱي وار ڪري ثواب دارين حاصل ڪجي.
شاهه ڀٽائي به ميهار جي روپ ۾ ملاحن کي سڏي رڇ وجهڻ جي ڳالهه ٿو ڪري ته آئون پڻ هٿ ٿووجهان.اوهين پڻ۾ رڇ وجهو يعني جيڪو ڪم آئون پسند ٿو ڪريان. اوهان کي به اها صلاح ٿو ڪريان.
ميهار ملاحن کي “اڀو آڇي اڇ”
آئون پڻ وجهان هٿڙا،اوهين پڻ وجهو رڇ
سندي ڪُن ڪڻڇ، مان هون سلامت سپرين
(شاهه)