مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

توتي لڄ لطيف چئي، آهي سندي عام

اَلۡحَیَاءُ خَیۡرٌ کُلُّہٗ
(هيءَ حديث مبارڪ جا لفظ صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ آهن.)
ترجمو: حياءُ ساري جو سارو ڀلو آهي.
سمجهاڻي: اسلام ۾حيا ۽ ادب جي وڏي اهميت آهي. هڪ حديث مبارڪ ۾ آهي ته حيا ايمان جو حصو آهي. (بخاري)
اصل ۾ حياءُ ان کي چئبو آهي جيڪو خراب ڪمن کي ڇڏڻ جو شوق ڏياري ۽ چڱن ڪمن ۾ ڪوتاهي ڪرڻ نه ڏئي. گهڻيون ڳالهيون شريعت پاڪ ۾ حق آهن. پر ماڻهو سستي ڪمزوري کان پيش ڪري نه سگهندا آهن. ايئن نه ڪجي جو ان سستي ۽ ڪمزوري سان واجب ۽ سنتون رهجي وڃن ٿيون.
پر ماڻهوءَ کي حرام ڪمن کي پاڻ بچائڻ. حلال ۽ جائز ڪمن ۾ ڪوشش ڪرڻ.آخرت جي ڪمن جي تات طلب ۽ ظاهري هار سيگار کيڇڏي.الله تعاليٰ کان حياءُ جو حق ادا ڪيو وڃي.لڄ يا حياءُ مرد لاءِ وڳو ۽ عورت جوسينگار آهي.
شاهه ڀٽائي حياءَ ۽ لڄ بابت ڪهڙو سهڻو بيت چيو آهي
توتي لڄ لطيف چئي، آهي سندي عام
*
ڍڪي ڍول گذار، لڄ منهنجي لوڪ ۾
(شاهه)