مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ليلا ليلائيج

النَّلَمُ تَوۡبَۃٌ
( هيءَ حديث مبارڪ الطبراني معجم الڪبير ۾، ابو نعيم حليه الاولياء ۾ ابو سعيد انصاريءَ﷦ کان، ابن ماجه، البيهقي ۽ الحاڪم انس ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
ترجمو: پشيماني توبه آهي.
ابو نعيم جي روايت ۾ هي لفظ وڌيڪ آهن ته:” سچي دل سان توبه ڪندڙ ايئن آهيجنهن ڄڻ ته گناهه ئي نه ڪيو آهي.”
سمجهاڻي: انسان گنهگار خطاڪار آهي. جيڪڏهن اتفاق سان گناهه ۽ خطا ٿي پوي. ته الله تعاليٰ جي حضور ۾ دلسان پشيمان ٿي. گناهه کان توبه تائب ٿجي ته اي الله! هي گناهه معاف فرماءِ. آئندي به گناهه نه ڪرڻ جي توفيق ڏي.
پشيمان ٿيڻ توبه جو رستو آهي. ٻانهو الله تعاليٰ جي رحمت ۽ بخشش کان نااميد نه ٿئي. پر سچيءَ دل سان پشيمان ٿي. توبه ڪري الله جي رحمت ۽ بخشش ۾ اميدرکي. چڱا ڪم ڪندو رهي ته عذاب کان بچي، جنت جوحقدار بنجي.
هر بيماريءَ جي دوا هوندي آهي ۽ گناهن جو علاج جو علاج توبه ڪرڻ آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به توبه ڪرڻ ، ليلائڻ جي ترغيب ڏني آهي:
“ ليلا ليلائج” اٿئي ماڳ منٿ جو
ليلائي نه لهي، تان پڻ ليلائج
آسرو م لاهيج، سڄڻ سباجهو گهڻو
(شاهه)
جي ڪارون آڻين ڪانڌ کي، ته روئي ريجهائيج
“ليلا ليلائيج” اٿئي ماڳ منٿ جو
(شاهه)