ڏورڻ منجهان ڏس
( هيءَ حديث البزار “مسند، ۾ الحاڪم”علوم الحديث” ۾ الخطابي “ العزلة” ۾ ابو نعيم، القضاعي ۽ العسڪري سڀني جابر بن عبدالله کان آندي آهي. علامه الزرقاني المواهب اللدنيه جي شرح ۾ لکيو آهي ته جيتوڻيڪ هي ضعيف آهي. پر شواهدن ڪري قوي آهي)
ترجمو: بيشڪ هي دين پڪو پختو آهي. دين ۾ (نرميءَ سان) داخل ٿي ۽ پاڻ کي عبادت تي شوق ڏيار. الله تعاليٰ جي عبادت سان توکي بغض نه ٿي پوي. ڇاڪاڻ ته اڌ۾ رهجي ويل مسافر نه منزل طئي ڪري سگهندو آهي ۽ نه ئي سواري بچائي سگهندو آهي.
سمجهاڻي: دين اسلام آسان ۽ سنئون سڌو صحيح آهي. ان ۾ شڪ جي ڪابه گنجائش ڪانهي.عبادت لاءِ به وچٿري واٽ وٺڻ گهرجي. هروڀرو ايترو پاڻ تي بار نه رکجي. جو نيٺ ماڻهو ٿڪي پوي. ٻه چار ڊگهيون عبادتون ڪري. پوءِ وري ٿڪي ٽٽي هميشه لاءِ عبادت کان کڻي بس ڪري. الله تعاليٰ به ڪنهن کي وس وت کان وڌيڪ تڪليف ڪونه ٿو ڏئي. تڪڙ اٻهرائپ هر ڪم ۾ چڱي ڪانهي. عبادت ۾ به ائين آهي ته ڀلو ڪم وچٿرو آهي.
تڪڙ مسافر جو مثال به ايئن آهي ته تيز تڪڙي هلڻ ڪري سواري به ٿڪجي پوندي يا پاڻ مرندو يا سواري مري پوندي. پوءِ ته منزل مقصود تي پهچڻ ئي مشڪل آهي. ان ڪري “خير الامور اوسطها” تي هلڻ بهتر آهي.
ڪر ڪو واڪو وس، ويهه مَ مُنڌ ڀنڀور ۾
چڙهي ڏاڍين ڏونگرين،پير پنهون جو پس
“ ڏورڻ منجهان ڏس” پوندئي هوت پنهون جو.
(شاهه)