مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

محبت پائي من ۾

اَلۡاِقۡتِصَادُ نِصۡفُ الۡمَعِیۡشَۃِ،وَالتَّوَدُّدُ اِلَی النَّاسِ نِصۡفُ الۡعَقۡلِ وَ حُسۡنُ السُّؤَالِنِصۡفُ الۡعِلۡمِ
(هي لفظ مبارڪ البيهقي شعب الايمان ۾،الطبراني مڪارم الاخلاق ۾، العسڪري جمهرة الامثال ۾ ۽ ابن السني عملاليوم والليلة ڪتاب ۾ آندا آهن.)
ترجمو: وچٿري نموني هلڻ اڌ معيشت آهي ۽ ماڻهن سان دوستي رکڻ اڌ عقل آهي ۽ سهڻي نموني سوال ڪرڻ اڌ علم آهي.
عسڪري،انس بن مالڪ ﷦ کان هي لفظ روايت ڪيا آهن.حسن الخلق نصف الدين يعني سهڻو اخلاق اڌ دين آهي.
سمجهاڻي: هٿ ڦاڙ ٿيڻ ۽ بخيلي ڪرڻ چڱو ڪم نه آهي. انسان کي افراط تفريظ کان هٽي ڪري.هر هڪ ڪموچٿري نموني سان ڪرڻ گهرجي. ته هر مشڪل کان بچي سگهبو ۽ ڪابه ديني ۽ دنياوي آزمائش ۽ پريشاني سامهون نه ايندي. هونئن به مشهور آهي ته” خير الامور اوسطها” مطلب ته ڀلي ۾ ڀلو ڪم وچٿري نموني هلڻ ۽ زندگي گذارڻ آهي.
ماڻهن سان دوستيءَ رکڻ ۽ سنگت ساٿ نباهڻ ۾ عقلمندي کان ڪم وٺجي. دوستيءَ ۾ اهڙو ڪڙو به نه ٿجي. جو هر ڪو ٿوڪاري ڇڏي ۽ نه وري اهڙو مٺو ٿجي. جو هر ڪو ڳهي وڃي. ياري دوستيءَ ۾ وفاداري ۽ ڏاهپسان هلجي. دشمن پيدا نه ڪجن.هر هڪ جو خيرخواهه ٿي رهجي.
سهڻو سوال ڪرڻبه هڪ فن آهي نه گهڻا سوال ڪري ڪنهن کي بيزار ڪجي ۽ نه وري اڌ گابرو سوالڪري پاڻ کي شرمسار ڪجي. پر سوال اهڙي نموني سان ڪجي. جو ان جي اهميت وڌي. علم ڪامل ٿئي ۽ ٻئي تي به چڱو اثر پوي. مهلموقعي کان سواءِ سوال ڪرڻ مناسب نه آهي نه ته پشيمان ٿيڻوپوندو آهي.دين سهڻن اخلاقن جو ٻيو نالو آهي. سهڻا اخلاق ئي دين جو بنياد آهن بد اخلاق. دين کان ڪوهين دور هوندو آهي. نبي سائين ﷺ به اعليٰ اخلاق صاحب هئا. امت کي به اعليٰ اخلاق اپنائڻ گهرجن.
“محبت پائي من ۾”رنڊا روڙيا جن
تن جو صرافن، اڻ توريو اگهائيو (شاهه)