وچ ولهين ڏينهڙين
( حديث مبارڪ جا هي لفظ ابن سمعاني پنهنجي ڪتاب الذيل ۾ علي بن ابو طالب کان روايت ڪيا آهن.)
ترجمو: ڀلي ۾ ڀلو ڪم وچٿرو آهي.
سمجهاڻي: انسان کي هميشه ٿڌي طبيعت ۽ هر ڪم ۾ درميانو رستو اختيار ڪرڻ کپي. اجايو جوش ڪري هوش نه وڃائجي ۽ وري فضولخرچي ڪري قرضدار به نه ٿجي. نه وري وسعت کان وڌيڪ ڪم ڪري پاڻ کي ٿڪائي وجهجي.پر هن حديث مبارڪ جي روشنيءَ ۾ ماڻهو دين ۽ دنيا جي ڪم ڪار ۽ ڪار وهنوار ۾ وچٿري نموني هلي.دنيا ۽ آخرت کي سنواري اجايو تڪڙ ۽ جلد بازي افراط ۽ تقريظ کان پاڻ بچائجي.درمياني واٽ ۾ ئي برڪت ۽ سلامتي آهي.
جين سي سنگهار، اجهي جن جي گهاريان
مان لهنئون سار، “وچ ولهين ڏينهڙين”
(شاهه)