سسئي آڻ مَ شڪ
( حديث مبارڪ جا هي لفظ مبارڪ الترمذي، النسائي، امام احمد ابن حبان ۽ الحاڪم حسن بن علي کان روايت ڪيا آهن. الترمذي چيو ته هي حديث حسن صحيح آهي. امام احمد ، حضرت انس کان ۽ الطبراني المعجم الصغير ۾ ابو هريره کان به هي لفظ روايت ڪيا آهن.)
ترجمو: جا شيءِ توکي شڪ ۾ وجهي ان کي ڇڏي ڏي جا شيءِ شڪ ۾ نه وجهي (ان کي وٺ)
سمجهاڻي: انسان جي دل سندس بهترين قاضي آهي. ماڻهوءَ جيڪو ڪم ڪري ۽ ان مان دل مطمئن رهي ته اهو ڪم ڪجي ۽ دل کي اطمينان ڏيارجي.
ڪنهن ڪم ڪندي دل ۾ شڪ يا کٽڪو ٿئي ته اهو ڪم نه ڪجي. ڇاڪاڻ ته شڪ ۽ کٽڪو چڱو ناهي ۽ ان سان اطمينان قلبي نه ٿيندو.
جيتوڻيڪ الله تعاليٰ جا حڪم ظاهر آهن.حلال ۽ حرام به چٽو آهي. ان ڪري شڪ کان بچڻ بهتر آهي. جتي دل صحيح فتويٰ ڏئي. اهو ڪم ڪجي.گناهه ۽ شڪ واري ڪم کي نه ڪجي ۽ ان کي ڇڏي ڏجي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به شڪ وڃائڻ جو ڏس ڏنو آهي.
ڏسڻ جي ڏسين، ته همه کي حق چوين
شارڪ شڪ مَ ني، انڌا انهي ڳالهه ۾
(شاهه)
ڏسڻ ڏِکان اڳرو،” سسئي آڻ مَ شڪ”
(شاهه)