مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ٻَن ٻيائي کي وجهي، ڪر پريان جي تات

مَنۡ غَشَّنَا فَلَیۡسَ مِنَّا
( هيءَ حديث مبارڪ امام مسلم صحيح مسلم ۾ ابو هريره ﷦ کان روايت ڪئي آهي ۽ ابو نعيم ۽ الطبراني ثقن راوين کان ابن مسعود ﷦ کان روايت ڪئي آهي.)
ترجمو: جنهن اسان کي دوکو ڏنو اهو اسان مان نه آهي.
سمجهاڻي: اسلام حق ۽ سچ ، خلوص ۽ ديانتداري سيکاري ٿو. دوکو، ٺڳي، خيانتر، ظلم سان مسلمان کي ايذائڻ حرام آهي. اسلام ۾ بنيادي شيءِ خلوص آهي. ايمان ۽ عمل ۾ خلوص، وڻج واپار، ڏيتي ليتي ۽ معاملات ۾ به خلوص هئڻ گهرجي. ان ڪري مومن ته ڪنهن سان به هر معاملي ۾ دوکو ۽ خيانت نه ڪندو آهي.
پوءِ جيڪو به مسلمان سان دوکو ۽ فريب ۽ ٺڳي ۽ خيانت ڪندو ته اهو نبي ﷺ جي فرمان موجب” اسان مان نه آهي.” مسلمان مومن سڏائڻ جو حقدار نه آهي. انهن ڪڌن ڪرتوتن سان معاشرو برباد ۽ تباهه ٿي ويندو. ترقي بجاءِ تنزل جي رستي تي وڃي پهچندو. بهتر انسان اهو آهي جيڪو ٻي کي فا.ئدو پهچائي. ۽ دوکي ۽ نقصان کان بچائي. دوکيباز مسلم معاشري جو حصو ٿي نه ٿو سگهي.
شاهه ڀٽائي به دوکي ۽ ٻيائي کي ٻن وجهڻ جو چيو آهي:

کامان پچان پڄران، سڙان ساري رات
“ ٻن ٻيائي کي وجهي، ڪر پريان جي تات”
(شاهه)