وڃڻ در دوستن جي،هرهر هُوڙائي
( هي لفظ مبارڪ ابو هريره کان البزار، البيهقي، مسند الحارث بن ابي اسامه ۽ ابو نعيم حليهالاولياء ۾ آندا آهن. حافظ السخاوي چيو آهي ته هيءَ حديث ضعيف آهي.پر مجموعي طور قوي آهي.)
ترجمو: دير سان ملاقات يا زيارت ڪندو ڪر. ته محبت ۾ واڌارو ٿئي.
سمجهاڻي: هن حديث نبويءَ جا سهڻا لفظ اسان ننڍي هوندي شيخ سعدي شيرازيءَ جي فارسي ڪتاب “گلستان” ۾ ابو هريره جي حوالي سان پڙهيا ۽ استادن ان جي سهڻي سمجهاڻي ٻڌائي.
اسان عام ماڻهو سمجهندا هئاسون ته دوستن سان گهڻو ملڻ ته پڪي دوستي ۽ گهڻي قرب جي نشاني آهي. پر اڳتي هلي حديث نبوي جي سچائي ۽ استادن جي سمجهاڻي جي گهرائي سمجهه ۾ آئي.
اصل ۾ڳالهه هن طرح آهي ته هڪ دفعي حضرت نبي پاڪ ﷺ اصحابي ابوهريره کي مجلس ۾ غير حاضر ڏسي ان بابت پڇيو. اصحابي عرض ڪيو ته سائين! مائٽن سان ملڻ ويو هوس. پاڻ سڳورنﷺ ان تي کيس فرمايو ته “ دير سان ملڻ ويندو ڪر. ته محبت وڌندي.”
هيءُ محبت جو هڪانمول اصول آهي ته دوستن توڙي عزيزن قريبن وٽ گهڙي گهڙي وڃبو ۽ اڻ ڪوٺيو مهمان پيو ٿبو. ته اها محبت ۽ عزت نه رهندي.پر جي دير دير سان دوستن توڙي مٽن مائٽن وٺ وڃبو ته اهميت ۽ عزت ۾ اضافو ٿيندو ۽ سڪ به سرس رهندي ۽ ملڻ لاءِ دل پئي گهرندي.
شاهه ڀٽائي به دوستن جي در تي هر هر وڃڻ کي هُوڙائي سڏيو آهي.
“ وڃڻ در دوستن جي،هر هر هُوڙائي”
پاڙي ڏانهن پرين جي، اجهه مَ اوائي
الڙ ٿي مَ آڇ تون، واٽهڙن وائي
لائيندءِ لطيف چئيسورا سرهائي
ڳجهو ڳالهائي، پرت وٽجي پاڻ ۾