موٽائي هڻنئي نه مُنهن جي
( هن حديث مبارڪ کي عبدالرزاق الدياسي ۽ ٻين روايت ڪيو آهي.)
ترجمو: جهڙي ڪندين تهڙي لوڙيندين
سمجهاڻي: پاڻ سڳورن ﷺ جو پورو فرمان مبارڪ هن ريت آهي ته نيڪي پراڻي ڪانه ٿيندي. گناهه ڪونه وسرندو.الله قهار ڪونه مرندو يعني هميشه آهي پوءِ جيئن وڻئي تيئن ڪر، جهڙي ڪندين تهڙي لوڙيندين.
مطلب ته الله تعاليٰ هميشه زنده قادر قهار آهي. ان کان غافل نه ٿي. هر ڪم سنڀالي ڪر. چڱو ڪم ڪندين ته چڱو.خراب ڪم ڪندين ته برو بدلو ملندو. ان ڪري الله تعاليٰ کي حاضر ناظر ڄاڻي چڱا ڪم ڪر ۽ برائين کان پاڻ بچاءِ.
سوره الزلزال ۾ به ارشاد رباني آهي:
فَمَنۡ یَّعۡمَلۡ مِثۡقَالَ ذَرَّۃٍ خَیۡرًا یَّرَہ۔ وَمَنۡ یَّعۡمَلۡ مِثۡقَالَ ذَرَّۃٍ شَرًّا یَّرَہٗ
(پ 30، سوره الزلزال آيت 7،8)
“ترجمو: پوءِ جنهن ماڻهو واريءَ جي ذري جيتري چڱائي ڪئي هوندي.اهو ان کي ڏسندو ۽ جنهن ماڻهو واريءَ جي ذري جيتري برائي ڪئي هوندي اهو ان کي ڏسندو.”
شاهه ڀٽائي به سر ڪاپائتي ۾ چيو آهي ته صراف سڀاڻي ڪچو ڪم يا سستي ڪندين ته موٽائي منهن ۾ هڻندئي يعني جهڙو ڪم ڪبو.اهڙو ئي نتيجو ملندو.
هي هڏ وهاڻي، ڪڙهه ڪالهوڻي ڏينهن کي
اٿي اور ارٽ سين، ويهه مَ ويڳاڻي
ته صراف سڀاڻي، “ موٽائي هڻنئي نه منهن تي”
(شاهه)