مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڳنڍين سارو ڏينهن

صَنَائِعُ الۡمَعۡرُوۡفِ تَقِی مَصَارِعَ السُّوۡ ءِ وَ صَدَقَۃُ السِّرِّ تُطۡفِیءُ غَضَبَالرَّبِّ وَ صِلَّۃُ الرَّحِمِ تَزۡدِیۡدُ فِی الۡعُمُرِ
( هن حديث مبارڪ کي امام الطبراني “ المعجم الڪبير” ۾ سند حسن سان ابي امامہ ﷦ کان ۽ “ المعجم الاوسط” ۾ ام سلمه رضي الله عنها کان روايت ڪيوآهي.)
ترجمو: نيڪين جا ڪم مصيبت جي ميدانن ۾ بچائيندا آهن ۽ لڪي صدقو ڏيڻ الله پالڻهار جي ڏمر کي اجهائيندو آهي ۽ مائٽي ڳنڍڻ سان عمر ۾ برڪت پوندي آهي.
سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ نبي پاڪ ﷺ ٽي سهڻيون فائدي وارين ڳالهيون ٻڌايون آهن ته:
1. نيڪي ۽ ڀلائيءَ جا ڪم ڪرڻ سان مشڪلاتون دور ٿينديون آهن
2. الله جي نالي لڪي صدقو ۽ خيرات ڪرڻ سان الله تعاليٰ خوش راضي ٿيندو آهي ۽ ڏمر ۽ قهر به ٽري ويندو آهي.
3. مٽي مائٽي ڳنڍڻ سان عمر ۽ رزق ۾ برڪت پوندي آهي. ڇاڪاڻ ته ڇنڻ کان ڳنڍڻ ڀلو ڪم آهي. جنهن ماڻهو جا مٽ مائٽ ۽ دوست عزيز ساڻس راضي آهن ته اهو ماڻهو بي فڪر ۽ خوش پيو گزاريندو. جيڪڏهن ڪنهن کان مٽ مائٽ ۽ يار دسوت ناراض آهن ته اهو ماڻهو هميشه پريشان پيورهندو. سندس ڪوبه تعاون لاءِ تيار نه هوندو. شاهه ڀٽائي به ڪپڙي اڻندڙ ڪورين جو مثال ڏئي چيو آهي:
هلو هلو ڪورئين، نازڪ جن جو نينهن
“ڳنڍين سارو ڏينهن” ڇنڻ مور نه سکيا
(شاهه)