مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

تن مڃيو محمد ڪارڻيﷺ

أسۡلِمۡ تَسۡلَمۡ یُؤتِکَ اللہُ أجۡرَکَ مَرَّتَیۡنِ
(هي حديث مبارڪ صحيح بخاري ۽ صحيح مسلم ۾ آهي)
ترجمو: اسلام آڻ ته سلامت رهندين. الله تعاليٰ توکي ٻيڻو اجر ڏيندو.
سمجهاڻي:اسلام امن ۽ سلامتيءَ جو دين آهي. اسلام قبول ڪرڻ ۽ ان تي هميشه قائم رهڻ ۽ عمل ڪرڻ سان الله تعاليٰ ٻيڻو اجر ثواب ڏيندو آهي. دنيا ۾ به امن سلامتي خير ۽ برڪت ۽ آخرت ۾ به ڪاميابي ۽ جنت عطا فرمائيندو ۽ دوزخ جي عزاب کان حفاظت ۽ ڇوٽڪارو ملندو.
الله تعاليٰ سوره القصص ۾ به فرمايو آهي ته:
اُولٰئِکَ یُؤتَوۡنَ اَجۡرَھُمۡ مَرَّتَیۡنِ ( القصص 54).
ترجمو: انهن کي سندن ٻيڻو ثواب ڏنوويندو.
اصل ۾ نبي پاڪ ﷺ روم جي بادشاهه هرقل کي اسلام جي دعورت آڻڻ بابت خط مبارڪ موڪليو هو. هي مختصر سهڻا لفظ ان خط مبارڪ جا آهن.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي به شاهڪار رسالي ۾ اسلام ۽ ايمان آڻڻ لاءِ سهڻو شعر چيو آهي.
وحده لا شريڪ لہ، جن اتوسين ايمان
تن مڃيو محمد ڪارڻي، قلب ساڻ لسان
اوءِ فائق ۾ فرمان، اوتڙ ڪنهن نه اوليا
(شاهه)