ڏک مَ پسو ڏوٿيا
( هيءَ حديث مبارڪ ابن عساڪر ابن عباس کان آندي آهي.)
ترجمو: ان ۾ ٻه ڄڻا نه وڙهن.
مخدوم ٺٽويءَ پاڻ حديث مبارڪ جي سمجهاڻي ڏيندي لکيو آهي ته “ حديث ۾ آيللفظ “ فيها” ۾ “ها” ضمير، يهودي عورت عصماء ڌيءَ مروان ڏي وري ٿو. جيڪا نبي پاڪ ﷺ کي گاريون ڏيندي هئي. پوءِ نابين اصهابي عمير پٽ عدي ان يهودي عورت کي پاڻ سڳورن ﷺ جي حڪم سان قتل ڪيو.
سمجهاڻي: اها يهودي عورت عصماء اسلام ۽ نبي ﷺ جي سخت دشمن ۽ شعر ٺاهي ماڻهن کي پئي ڀڙڪائيندي هئي.
نبي سائين ﷺ جوعاشق اصحابي عمير سڳورو جيتوڻيڪ نابينو هو.پر دل جو سڄو هو. سو چيائين ته جنگ بدر مان حضور ﷺجن خير سان موٽي ايندا ته، ان نبي ۽ اسلام دشمن يهودي عورت کي ماريندس. رات جي وقت يهودي عورت عصماء کي ماري وڌائين. صبح جو نبي سائين ﷺ ان کي فرمايو ته تون ڪوبه کٽڪو نه ڪر. يعني توتي ڪوبه ڏنڊ ڏوهه ڪونهي.
هلو ۽ ملهو،” ڏک مَ پسو ڏوٿيا”.
سونهون جوساٿ جو، سو مون هوت سلو
آن پڻ ٿئي ڀلو، آئون به گڏجان پرين کي
(شاهه)