ساڻ امانت اچ
( هن حديث مبارڪ کي الامام، ابو يعليٰ پنهنجي مسند ۾ البيهقي شعب الايمان ۾ انس بن مالڪ کان روايت ڪيو آهي. حافظ ذهبي چيو آهي ته هن حديث جي سند قوي آهي ۽ ابن حبان به ان کي صحيح چيو آهي.)
ترجمو: جنهن ۾ امانتداري نه آهي، ان جو ايمان ڪامل نه آهي ۽ جنهن ۾وعدي وفا ئي نه آهي ان جو دين پورو نه آهي.
سمجهاڻي: مؤمن ايمان ۽ ايمانداري هڪ ڳالهه آهي. سچي مؤمن جي اها ئي نشاني آهي. ته هوامانتدار هجي. خود اسان جو نبي محمد ﷺ اعلان نبوت کان به اڳ عرب دنيا ۾ “صادق” ۽ “امين” مشهور هئا.
قرآن شريف ۾ به الله تعاليٰ امانتن ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي:
اِنَّ اللہَ یَامُرُکُمۡ اَنۡ تُؤَدُّا الۡاَمٰنٰتِ اِلیٰٓ اَھۡلِھَا(پارو 5 سوره النساء آيت 58)
ترجمو: بيشڪ الله تعاليٰ حڪم فرمائي ٿو توهان کي ته جن جون امانتون آهن. انهن جي حوالي ڪريو.
مقصد ته زندگيءَ جي هر شعبي ۾ امانتداري ڪرڻ لازمي آهي.
حديث مبارڪ ۾ وعدي پوري نه ڪرڻ واري کي تنبيهه ڪري کيس بي دين چيوويو آهي. انسان کي سڀ واعدا پورا ڪرنا آهن. عالم ارواح ۾ جيڪي وعدا ۽ اقرار ڪيا ويا آهن يا هن دنيا جي ڪم ڪار ۾ انجام ڪياويا آهن انهن سڀني کي وعدن پورن ڪرڻ جو پڇاڻو ٿيندو. ان ڪري وس وت آهر وعدي وفائي ڪرڻ مؤمن جو حق آهي.
الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ وعدي وفائيءَ لاءِ به هي حڪم ڏنو آهي
وَ اَوۡفُوۡا بِالعَھۡدِ اِنَّ الۡعَھۡدَ کَانَ مَسۡئُولَا (پارو 15 سوره بني اسرائيل آيت 34)
ترجمو: وعدو پورو ڪريو. ڇاڪاڻ ته وعدن بابت اوهان کان پڇاڻو ٿيندو.
ووٽ ڏيڻ به امانت آهي ووڙ مفاد پرست کي نه ڏجي. پر ايماندار ۽ حقدار کي ڏجي.
سَتي تنهنجي ست ۾، ڳالهه گهرجي ڳچ
وڍيو چچريو چيريو، پر ۾ اڀي پچ
“ ساڻ امانت اچ” ته ٿيين سمناي ساڻيهه ۾
(شاهه)