ماڙهو ڏيئي مهڻا، مون کي ڪندا ڪوهه!
( هيءَ حديث مبارڪ ابو دائود، العسڪري ۽ امام احمد حضرت ابو درداء کان روايت آندي آهي)
ترجمو: ڪنهن شيءِ سان تنهنجي محبت ڪرڻ توکي انڌو ۽ ٻوڙو ڪري ٿي ڇڏي.
سمجهاڻي: در حقيقت انساني فطرت آهي ته ماڻهو جنهن سان گهڻي محبت ڪري ٿو.ته ان جي چاهت ۾ اهڙو ته قابو ٿيووڃي. جو ان جا عيب صواب سڀ سونهن ۽ سوڀيا وانگر پيا نظر ايندا. ان جون ڏنگايون به پيار ۽ پاٻوهه پيا ڀائنبا. محبوب جي ڪاراڻ به اڇاڻ پئي معلوم ٿيندي.
مثال طور عرب جي مشهور عاشق قيس ( مجنون) کي چيائون ته تنهنجي محبوب ليليٰ ته ڪاري رنگ جي آهي.مجنون عاشق چوڻ لڳو ته توهان کي ڏسڻ واري اها اک ناهي. منهنجي عشق واري اکسان ڏسو ته ليليٰ ڇا آهي.
هن حديث مبارڪ ۾ به ان انساني فطرت جو احوال آهي ته انسان جي جنهن سان دللڳندي آهي ته محبوب کان سواءِ ٻي ڪابه سونهن ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي ۽ ان جي ڪچاين عيبن ڏسڻ کان گويا انڌو ٿي پئبو آهي.
محبوب جي محبت ۾ ڦاسائڻ کان پوءِ ڪنهن جي نصيحت، ملامت هدايت ۽ مذمت ٻڌڻ کان ماڻهو ٻوڙو ٿي پوندو آهي. ماڻهو ڪنهن جي محبت ۾ ڦاسڻ کان پوءِ گويا ان جي عيبن ڏسڻ کان انڌو ۽ ملامت نصيحت ٻڌڻ کان ٻوڙو ٿي ويندو آهي ۽ ڪابه نيڪ نصيحت اثر نه ڪندي آهي.
شاهه ڀٽائي به سسئي جي پنهون سان محبت جو مثال ڏئي چيو ته ڀنڀور جا ماڻهو جبل جي اڙانگي پنڌ کان کيس جهلين پيا. پي سسئي جو جواب هي هو:
“ماڙهو ڏيئي مهڻا،مون کي ڪندا ڪوهه”
جنهن ڇوريءَ ۾ ڇوهه، سا پٿون ٿيندي پير تي
(شاهه)