ڏکيون جان نه مڙن
( هيءَ حديث مبارڪ مسند الفردوس جي صاحب انس بن مالڪ کان روايت ڪئي آهي.)
ترجمو: ڏک ۽ غم اڌ پوڙهپ آهي ۽ ٿورو عيال هجڻ ٻن آسانين مان هڪ آساني آهي.
سمجهاڻي: انسان کي زماني جا ڏک ڏولاوا ۽ پريشانيون ۽ غم گوندر ٿڪائي وجهندا ۽ جواني هوندي به اڀرو ۽ پوڙهو ڪري ڇڏيندا آهن.
ڪڏهن حد کان گهڻو اهل عيال ۽ ٻار ٻچا به مشڪلاتن جو سبب ٿيندا آهن. انهن جي صحيح تعليم تربيت، روزگار ۽ حلال ڪمائي سان ڪمائي کارائڻ به ذرا ڏکيوڪمآهي.رزق الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي پر مسڪيني، اولاد جي گهڻائي، بي برڪتي، بيماري سيماري ۽ مهانگائي. غريب ماڻهو جو جيئڻ جنجال ڪيو ڇڏين. اهل عيال ۽ اولاد جا حق هوندا آهن. ان ڪري سادگي، دينداري ۽ بردباري ۽ ڏاهپ سان زندگي گذارجي، ته آساني ٿيو پوي.
سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي ته “ ڳڻتي جهڙو مرض ڪونهي ۽ خوشي جهڙي خوراڪ ڪانهي.” ۽ اهو پڻ مشهور آهي ته “ جيءُ خوش ته جهان خوش”
الله تعاليٰ امت جا غم گهٽ ڪري ۽ رزق ۾ برڪت ۽ دين دنيا ۾ ڀلائي عطا فرمائي!
“ ڏکيون جان نه مڙن”تان تان ڀنڻ نه ٿئي
ٻيون هونهين هٿ هڻن، روئنديون روئڻ واريون
(شاهه)