مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ

اَلۡیَوۡمَ الرِّھَانُ وَغَدَا السِّبَاقُ، وَالۡغَایَۃُ الۡجَنَّۃُ فَالۡفَائِزُ مَنۡ دَخَلَ الۡجَنَّۃَ، وَالۡھَالِکُ مَنۡ دَخَلَ النَّارَ
( هيءَ حديث مبارڪ الطبراني، ابن عدي ۽ الخطيب سڀني عبدالله بن عباس ﷦ کان آندي آهي)
ترجمو: اڄوڪو ڏينهن مقابلي جو آهي ۽ سڀاڻي گوءِ کٽيندڙن جو ڏينهن هوندو. پڄاڻي جنت آهي. پوءِ ڪامياب اهو آهي جيڪو جنت ۾ داخل ٿئي ۽ برباد اهو آهي، جيڪو دوزخ جي باهه ۾ داخل ٿئي.
سمجهاڻي: هن حديث مبارڪ ۾ دنيا، آخرت ۽ عمل ڪرڻ جو مقابلو ۽ مثال بيان ڪيو ويو آهي. جيئن ڪو مقابلو رٿي. نشان ڪري اتي پڄڻ جي تيز تر ڪوشش ڪبي آهي. پوءِ جيڪو ان مقرر نشان تي اڳ ۾ پهتو ته اهو ڪامياب ۽ انعام جو حقدار ٿيندو آهي ۽ جيڪو پوئتي رهيو ۽ هارائي ويو ته اهو شڪست کاڌل ۽ ناڪام چئبو.
اهڙيءَ طرح هن دنيا ۾ به عملن جو مقابلو آهي. ان لاءِ الله تعاليٰ جا احڪام ۽ حدون مقرر ٿيل آهن. پوءِ جيڪو انهن حدن ۾ رهي نيڪ عمل ڪندو ته ان کي آخر ۾ انعام طور بهشت ملندو ۽ ڪامياب چئبو.
۽ جيڪو الله تعاليٰ جي حڪمن ۽ حدن جي لتاڙ ڪندو ۽ چڱا عمل نه ڪندو ۽ برائي م ڦاٿل رهندو. ته اهو هارايل ۽ ناڪام ٿيندو.مقابلي ۾ هارايل شرمسارن وانگر دوزخ جي باهه ۾ وڃي پوندو.دعا آهي ته الله تعاليٰ نيڪ عملن جي توفيق ڏئي ۽ مقابلي ۾ ڪامياب ڪري.
شاهه ڀٽائي به هن دنيا کي کٽڻ ۽ هارائڻ جو ماڳ چيو آهي.
وحده لا شريڪ له، اي وهائج پيءُ
کٽين جي هارائين، هنڌ تنهنجو هيءُ
پاڻان چوندءِ پيءُ، ڀري جام جنت جو
(شاهه)