مذهب

محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

ڪتاب محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم حضور ﷺ جي چونڊ حديثن تي مشتمل آهي. سنڌ جو عظيم محدث مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح هن ڪتاب جو مولف آهي. اسان جي سنڌ جي عالم ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالرسول قادري کي الله تعاليٰ وڏا بهرا ڏيندو. جنهن نه رڳو “ حلاوة الفم” جو ترجمو ڪيو آهي پر هر حديث مبارڪ جي ترجمي ۽ سمجهاڻي هيٺان سنڌ جي ولي الله حضر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي مان حديث پاڪ جي معنيٰ ۽ مفهوم جهڙا سنڌي بيت به شامل ڪيا آهن. سچ پچ هي پنهنجي نوعيت ۾ هڪ جدارو ۽ تحقيقي ڪم آهي. اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هن ناياب ڪتاب جو نسخو ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
Title Cover of book محبوب نبيءَ ﷺ جا مٺا ٻول

تن ۾ تونس پرين جي، پِيان نه ڍاپان

مَنۡھُمَانِ لَا یَشۡعَبَانِ طَالِبُ عِلۡمٍ، وَ طَالِبُ دُنۡیَا
( هي حديث مبارڪ الطبراني المعجم الڪبير ۾ البيهقي المدخل ۾ ۽ القضاعي عبدالله بن مسعود ﷦ کان روايت آندي آهي ۽ البزار، ابن عباس ﷦ کان روايت آندي آهي ۽ امام القسطلاني” المواهب اللدنيه” ۾ هي حديث آندي آهي. ته جيتوڻيڪ ضعيف آهي پر مجموعي طريقن سان قوي آهي)
ترجمو: ٻه حريص اهڙا آهن، جيڪي ڍاپن نٿا هڪ علم جوطالب ۽ ٻيو دنيا جو طالب
سمجهاڻي: علم نور آهي.ان جي تمنا سچي طالب ۽ عالم جي نشاني آهي.جيترو به ماڻهو علم پرائيندو. ماڻهن کي فيض ڏيڻ ۽ عمل ڪرڻ لاءِ ويتر سندس شوق وڌندو ويندو. ان ڪري علم جي طلب هر مسلمان تي فرض آهي. پاڻ سڳورن ﷺ به علم جي واڌاري لاءِ دعا گهري آهي:
رب زدني علما (پ 16سوره طہ آيت 114)
ترجمو: اي منهنجا پالڻهار! منهنجي علم ۾ واڌارو ڪر.
علم سان گڏ عمل به هجي ته سون تي سهاڳو ۽ دين دنيا ۾ ڪاميابي آهي. علم جي طلب سان الله تعاليٰ راضي ٿئي ٿو.
دنيا جو طالب به حريص هوندو آهي. رات ڏينهن مٿا کٿا ڏئي، رت ولوڙي دنيا جي طلب ۾ پيو لوڙيندو آهي. هزار هوندا ته لکن جي لالچ، ڪروڙ هوندا ته اربن جي اڻ تڻ ۾ سرگردان پيو گذاريندو. رڳو دنيا جي طلب. باقي علم ۽ دين کان دوريءَ ۽ سرڪشي رب جي ناراضپي جو سبب آهي. ها جيڪڏهن دنيا کي ديني ۽ چڱن ڪمن ۾ خرچ ڪيو ته پوءِ فائديمند آهي.
کامان، پچان، پڄران لڇان ۽ لوچان
“ تن ۾ تونس پرينءَ جي پيان نه ڍاپان”
سمنڊ منهن ڪريان، ته سرڪيائي نه ٿئي.
(شاهه)